ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر راندين کي سياست ۾ آڻي ڇڏيو، روايتي حربا استعمال ڪندي ڀارتي حڪومت ۽ ڪرڪيٽ بورڊ، بنگلاديش ۾ شيڊيول ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي سالياني اجلاس جي مخالفت ۾ کلي سامهون اچي ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ۽ حڪومت ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي سالياني جنرل اجلاس جو هنڌ تبديل ڪرڻ لاءِ رڪن ملڪن تي دٻاءُ وجهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، سريلنڪا کانپوءِ عمان ڪرڪيٽ بورڊ به ڀارت جي خواهش تي اجلاس جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، آءِ سي سي جي چيئرمين جئه شاهه به اجلاس جي هنڌ تبديل ڪرڻ لاءِ لابنگ ڪري رهيو آهي، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان رڪن ملڪن کي مختلف آڇون پڻ ڏنيون پيون وڃن، ڪيترن ئي ڪرڪيٽ بورڊن جي مخالفت سبب سالياني اجلاس تي غير يقيني جا ڪڪر ڇائنجي ويا آهن.
واضح رهي ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر محسن نقوي 24 جولاءِ تي ڍاڪا ۾ اَي سي سي جو ساليانو اجلاس سڏائي ورتو آهي.
ذريعن موجب، رڪن ملڪن جي اڪثريت ڍاڪا ۾ اجلاس ڪرائڻ جي حمايت ڪري رهي آهي.
ياد رهي ته آگسٽ ۾ شيڊيول ڀارت جي بنگلاديش جي دوري کي به ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ سبب ملتوي ڪيو ويو هو، سيريز ۾ ٻنهي ٽيمز کي ٽن ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽن ون ڊي ميچون کيڏڻيون هيون.
You might also like