400 رنسن وارو رڪارڊ نه ٽوڙڻ تي لارا ڇا چيو؟ مُلڊر نيٺ خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ڏکڻ آفريقا (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪي ڪپتان ويان مُلڊر 400 رنسن وارو رڪارڊ نه ٽوڙڻ تي برائن لارا جي چيل ڳالهه تان پردو کڻي ڇڏيو.
هڪ بيان ۾ ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽر چيو ته ” چار سئو رنسن وارو رڪارڊ نه ٽوڙڻ تي لارا چيو ته مون کي عالمي رڪارڊ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ها، ڇو ته رڪارڊ ٽٽڻ لاءِ ٺهندا آهن، وري اهڙو موقعو ملئي ته منهنجي کان وڌيڪ رنسون ٺاهجانءِ.“
ويان مُلڊر چيو ته” اها برائن لارا جي دلچسپ راءِ آهي، پر مان سمجهان ٿو ته مون صحيح فيصلو ڪيو، مان ڪرڪيٽ جي عزت ڪيان ٿو ۽ منهنجي لاءِ اهو ئي سڀ کان اهم آهي.“
واضح رهي ته ويان مُلڊر زمبابوي خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ 367 رنز تي بيٽنگ ڪري رهيو هو، جڏهن هن اننگز ڊڪليئر ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ان وقت کيس برائن لارا جي تاريخي 400 رنسن واري عالمي رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ رڳو 33 رنسون گهربل هيون.
ياد رهي ته برائن لارا 21 سال اڳ سال 2004ع ۾ اينٽيگوا ۾ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ ميچ ۾ 400 رنسون ٺاهيون هيون،جيڪا ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي انفرادي اننگز آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.