ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل حُميرا اصغر طرفان پنهنجي دوست کي موڪليل آخري آڊيو پيغام سامهون اچي ويو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي لاءِ دعائن جي درخواست ڪئي هئي.
دُر شهوار نالي سندس ويجهي دوست هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته حُميرا کيس هي وائس نوٽ سيپٽمبر 2024 ۾ موڪليو هو، جنهن ۾ هوءَ چئي رهي هئي ته”معاف ڪجانءِ، مان مصروف هيس تنهنجو فون نه کڻي سگهيس، مان ڏاڍي خوش آهيان ته تون مڪي ۾ آهين.“
حُميرا پنهنجي دوست کان چئي رهي هئي”پنهنجي ڪيوٽ دوست لاءِ دل سان گهڻيون دعائون گهرجانءِ، منهنجي ڪيريئر لاءِ مونکي به پنهنجي دعائن ۾ ياد رکجانءِ.“
ياد رهي ته 8 جولاءِ تي اداڪارا حُميرا اصغر ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس جي اتحاد ڪمرشل واري هڪ فليٽ مان مئل حالت ۾ هٿ آئي هئي، جنهن کانپوءِ سندس موت بابت جاچ جاري آهي.
You might also like