زوب/اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ هٿياربندن قومي شاهراهه تي ڪارروائي ڪندي پنجاب سان واسطو رکندڙ 9 بيگناهه مسافرن کي بس مان لاهي قتل ڪري ڇڏيو.
مقامي اختيارين موجب، هي افسوسناڪ واقعو ڪوئيٽا کان ڊي جي خان ويندڙ قومي شاهراهه تي سرا ڊاڪئي علائقي ۾ پيش آيو، جتي هٿياربندن ناڪابندي ڪري ٻن مختلف مسافر بسن مان سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ پنجاب سان واسطو رکندڙ 9 مسافرن کي بس مان لاهي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
ڊيرا غازي خان انتظاميا قتل ڪيل نوَن مسافرن جا لاش وصول ڪري ورتا.
ڪمشنر ڊي جي خان اشفاق احمد موجب، نو مقتولن جا مڙهه بلوچستان-پنجاب سرحد وٽ مليا آهن.
سندس چوڻ هو ته پوليٽيڪل اسسٽنٽ اسد چانڊيو طرفان باواٽا جي سرحدي علائقي تي مڙهه وصول ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ انهن کي اباڻن علائقن ڏانهن روانو ڪيو ويو آهي.
انتظاميا موجب، مارجي ويل سمورا مسافر پنجاب جي مختلف علائقن سان واسطو رکندڙ هئا.
اسسٽنٽ ڪمشنر زوب نويد عالم موجب، قتل ٿيندڙن ۾ ٻن سڳن ڀائرن عثمان نذير ۽ جابر نذير پنهنجي پيءُ جي جنازي ۾ شرڪت لاءِ پنجاب جي دنياپور وڃي رهيا هئا.
سندس چوڻ هو قتل ڪيل مسافرن ۾محمد عرفان جو تعلق ڊي جي خان، صابر جو گوجرانوالا، محمد آصف جو مظفر ڳڙهه ۽ غلام سعيد خانيوال جو رهواسي هو.
ان کانسواءِ محمد جنيد لاهور، محمد بلال اٽڪ ۽ بلاول جو واسطو گجرات سان هو.
هٿياربندن جي ڪارروائي ۾ بچي ويل هڪ مسافر پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته حملو ڪندڙ بس ۾ سوار ماڻهن جا سڃاڻپ چيڪ ڪري رهيا هئا ۽ مخصوص ماڻهن کي ئي نشانو بڻايو ويو.
دهشتگردي جو پوري قوت سان مقابلو ڪنداسين: صدر/ وزيراعظم
صدر آصف علي زرداري بلوچستان واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي هر صورت ۾ هندوتوا سوچ ۽ ان جي سهولتڪارن کان پاڪ ڪيو ويندو.
صدر آصف زرداري چيو ته اسان جي جدوجهد دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهندي، اسان بلوچستان واقعي ۾ مارجي ويلن جي خاندانن جي ڏک ۾ شريڪ آهيون ۽ انهن سان پنهنجي دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا.
فتنه الھندوستان جي دهشتگردن جا سڀئي نيٽ ورڪ تباهه ڪيا ويندا: بلوچستان جو وڏو وزير
ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معصوم شهرين جو قتل فتنا الهند جي واضع دهشتگردي آهي، پاڪستان دهشتگردن سان پوري قوت سان مقابلو ڪندو ۽ بيگناهه ماڻهن جي خون جو حساب ورتو ويندو.
هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي پنجاب ويندڙ بسن مان 9 مسافرن کي اغوا ۽ قتل ڪرڻ جي افسوسناڪ واقعي تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستاني سڃاڻپ جي بنياد تي بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪرڻ هڪ ناقابل معافي ڏوهه آهي.
هن چيو ته بيگناهه ماڻهن جو رت رائيگان نه ويندو، اهو هڪ رياستي جنگ آهي، ان ۾ هڪ واضح فيصلو ٿيندو.
سرفراز بگٽي وڌيڪ چيو ته فتنه الھندوستان جي دهشتگردن جا سڀئي نيٽ ورڪ تباهه ڪيا ويندا.
معصوم ماڻهن جو خون وهائيندڙن جو هر هنڌ پيڇو کين ختم ڪيو ويندو: گهرو وزير
وفاقي وزير گهرو وزير محسن نقوي هن واقعي کي ڀارت جي مدد يافته دهشتگردن جي ڪارروائي قرار ڏيندي چيو ته معصوم ماڻهن جو خون وهائڻ وارن جو هر هنڌ پيڇو ڪري سندن خاتمو ڪيو ويندو.