ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا حُميرا اصغر جي ڪيس ۾ پوليس سندس رهائشگاهه بابت تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا موجب، حُميرا اصغر 20 ڊسمبر 2018ع تي اتحاد ڪمرشل وارو فليٽ مسواڙ تي ورتو هو.
مسواڙ نه وڌائن تي پهريون نوٽيس 3 جون 2021ع تي موڪليو ويو، جڏهن ته 13 جون 2021ع تي کيس فليٽ خالي ڪرڻ جو چيو ويو.
ڊي آءِ جي موجب، 17 جون 2021ع تي اداڪارا کي ٻيو نوٽيس به موڪليو ويو.
حُميرا اصغر ڊگعي عرصي کان مسواڙ ادا نه ڪري رهي هئي، هن هڪ سال اڳ گهر خالي ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي، پر پوءِ مڪان مالڪ سان سندس رابطو ختم ٿي ويو، جنهن کانپوءِ مالڪ عدالت سان رابطو ڪيو.
اسد رضا وڌيڪ ٻڌايو ته معاملي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي، جڏهن ته ڪيميڪل ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ سان کوڙ شيون واضح ٿي وينديون، جڏهن ته پوليس حُميرا اصغر جي فيملي سان به رابطي ۾ آهي.
حُميرا فليٽ ڪڏهن ورتو ۽ مسواڙ نه ڏيڻ تي گهر خالي جو نوٽيس ڪڏهن موڪليو ويو؟ پوليس تفصيل جاري ڪري ڇڏيا
You might also like