”بابر هيرو ۽ رئوف ولن هوندو“ سلمان آغا پنهنجي فلم لاءِ هڙني ڪردارن جا نالا ٻڌائي ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا پنهنجي فلم جي هيرو، ولن، گلوڪار ۽ ناڪام عاشق سڀني جا نالا ٻڌائي ڇڏيا.
هڪ انٽرويو دوران ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان پنهنجي ٽيم جي رانديگرن کي مختلف ڪردارن ۾ ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.
سلمان علي آغا کان پڇيو ويو ته جيڪڏهن هو پنهنجي زندگيءَ تي فلم ڍاهي ته ان ۾ هيـرو، ولن، گلوڪار ۽ ناڪام عاشق طور ڪهڙن رانديگرن کي ڪاسٽ ڪندو؟
جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته هيـرو لاءِ بابراعظم، ولن لاءِ حارث رئوف، مزاحيه ڪردار لاءِ حسن علي، گلوڪار فخر زمان ۽ ناڪام عاشق عبدالله شفيق طور ڪاسٽ ڪندس.
انٽرويوءَ دوران سلمان علي آغا ٽيم جي رانديگرن جا نِڪ نيم پڻ ٻڌايا.
سندس چوڻ هو ته سعود شڪيل کي ”چوڙا“، بابراعظم کي ”بوبِي“، فخر زمان کي ”فوجي“ ۽ عبدالله شفيق کي ”ناڪام عاشق“ سڏيو ويندو آهي.
سلمان علي آغا وڌيڪ چيو ته جڏهن هو پريشان ۾ هوندو آهي ته سعود شڪيل کي فون ڪري کائنس صلاح مشورو وٺندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.