ڪپل شرما جي ڪيفي تي حملو، ڪارڻ سامهون اچي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن ڀارتي ڪاميڊين ڪپل شرما جي ڪئناڊا ۾ نئين کوليل ڪيفي تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي..
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ڪپل شرما جي ڪئناڊا ۾ ”ڪيپس ڪيفي“ نالي عمارت تي اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪئي، حملو ڪندڙ هڪ گاڏي ۾ آيا ۽ ڪيترائي فائر ڪري فرار ٿي ويا، خوشقسمتي سان واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو.
پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ عمارت جي ڀرپاسي لڳل سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ حاصل ڪيا ويا آهن، پر اڃا تائين واضح ناهي ٿيو ته ڪپل شرما جو ڪيفي سڌو نشانو هو يا فائرنگ ڪنهن قسم جي ڌمڪي طور ڪئي وئي.
ڀارتي ميڊيا ذريعن جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو آهي ته هرجيت سنگهه لادي نالي همراهه مبينا طور تي ڪپل شرما جي ڪنهن پراڻي شو دوران ڪيل تبصري تي ڪاوڙ هئي جنهن تي هن ڪيفي تي فائرنگ جو حڪم ڏنو.
ڪيپس ڪيفي جي انتظاميا پنهنجي انسٽاگرام پئج تي واقعي جي سخت مذمت ڪندي لکيو ته ”هي اسان لاءِ ڪنهن صدمي کان گهٽ ناهي، اسان هي ڪيفي محبت، پيار ۽ خلوص سان کوليو هو ۽ پيش آيل واقعو ڏاڍو افسوسناڪ آهي.“
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ”اسان هار نه مڃينداسين، مداحن جي ڳڻتي ۽ خلوص ڀريل پيغامن جو شڪريو ادا ڪيون ٿا ۽ سڀني کي دعوت ڏيون ٿا ته تشدد خلاف اسان سان گڏجي آواز بلند ڪن.“
ياد رهي ته ڪپل شرما تازو ئي ڪئناڊا ۾ اِهو ڪيفي کوليو آهي، جيڪو تيزي سان مشهوري ماڻي رهيو آهي. پوليس ڪيفي جي چوڌاري سيڪيورٽي وڌائي ڇڏي آهي ۽ حملي جي جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.