پنجن بالن تي پنج شڪار، آئرش بالر ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ نئين تاريخ لکي ڇڏي

ڊبلن(ويب ڊيسڪ) آئرش فاسٽ بالر ڪرٽس ڪيمفر ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 5 بالن تي 5 وڪيٽون وٺي نئين تاريخ لکي ڇڏي.
آئرلينڊ جي ڪرٽس ڪيمفر اِهو تاريخي ڪارنامو منسٽر ريڊز جي نمائندگي ڪندي نارٿ ويسٽ واريئرز خلاف انٽر پرووينشل ٽي ٽوئنٽي ٽرافي جي ميچ ۾ انجام ڏنو.
ڪرٽس ڪيمفر 12هين اوور جي چوٿين ۽ پنجين بال تي ٻه وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته پنهنجي نئين اوور جي پهرئين، ٻئي ۽ ٽئين به لڳاتار ٽن بيٽرن جي پويلين جو رستو ڏيکاريو.
ان کانسواءِ هو ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان گهٽ بالن تي پنج وڪيٽون وٺندڙ بالرن ۾ شامل ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.