ڪراچي جي ريسٽورنٽ ۾ شلوار قميض ۾ داخلا تي بندش،معاملو عدالت پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊفينس فيز 8 ۾ هڪ ريسٽورينٽ ۾ شلوار قميص تي پابندي خلاف شهري ڪنزيومر ڪورٽ جو در کڙڪائي ورتو.
درخواست گذار لطيف بلوچ ايڊووڪيٽ پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته هو پنهنجي دوستن سان گڏ هڪ ريسٽورينٽ ويو، جتي انتظاميا کين رڳو شلوار قميص پائڻ جي بنياد تي اندر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، جيڪو انتظاميا جي پاليسي خلاف آهي.
لطيف بلوچ عدالت کي ٻڌايو ته شلوار قميص پاڪستان جو قومي لباس آهي ۽ ان تي ڪنهن به قسم جي پابندي لڳائڻ آئين ۽ قانون جي خلاف آهي.
درخواست ۾ عدالت کان اپيل ڪئي وئي آهي ته ريسٽورينٽ انتظاميا کي معافي وٺڻ جو حڪم ڏئي وڃي ۽ مٿن 10 لک رپين جو ڏنڊ پڻ هنيو وڃي.
ڪنزيومر ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ 14 جولاءِ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.