ڀرياروڊ (ويب ڊيسڪ) ڪرونڊي جي ڳوٺ پارل شر جو رهواسي پرائمري استاد نصرت ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، پرائمري اسڪول جو استاد ارشاد شر نصرت ڪئنال ۾ ٽپو ڏيڻ کان اڳ پنهنجي سئوٽ محمد حسن شر کي فون ڪري آپگهات جو اطلاع ڏنو هو.
واقعي کان پوءِ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانئجي ويو، جڏهن ته مقامي انتظاميا ۽ رهواسين طرفان ڪئبال مان لاش جي ڳولا لاءِ ڪوششون جاري آهن.
You might also like