دادو : ڪچي جي ڳوٺ دانو چانڊيو ۾ پورهيت ڌيءُ سميت ٻڏي فوت
دادو (ويب ڊيسڪ) دادو جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ دانو چانڊيو ۾ افسوسناڪ حادثي دوران پورهيت ۽ سندس ڌيءُ پاڻيءَ جي ڍنڍ پار ڪندي ٻڏي فوت ٿي ويا.
اطلاعن موجب، پورهيت جيئندو چانڊيو پنهنجي ڌيءُ سرداران سان گڏ پاڻيءَ جي ڍنڍ پار ڪري رهيو هو ته اوچتو ٻڏي پيا، جنهن سبب ٻئي حياتي وڃائي ويٺا.
حادثي کانپوءِ علائقي واسين جي لاشن کي پاڻي مان ڪڍي ورتو ، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو
You might also like