صدر جي تبديلي يا صحت بابت ڳالهيون افواهه آهن: گيلاني

ڪراچي (م ڊ) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني به صدر جي تبديلي يا سندس صحت بابت خبرن کي افواهه قرار ڏئي رد  ڪري ڇڏيو. اينٽي ڪرپشن عدالت اڳوڻي وزيراعظم ۽ سينيٽ چيئرمين يوسف گيلاني کي ٽي ڊي اي پي (ٽڊاپ) ڪرپشن ڪيس جي 9 ڪيسن مان بري ڪري ڇڏيو. ايف آءِ اي ٽي ڊي اي پي ميگا ڪرپشن جا 26 ڪيس داخل ڪيا هئا، جن مان يوسف رضا گيلاني کي 9 ڪيسن ۾ اڳ ئي بري ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته حڪومت جو حصو نه بڻجڻ جو فيصلو پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ڪيو هو ۽ سي اي سي جيڪڏهن چاهي ته فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته اسان حڪومت جو حصو آهيون نه مان ان جو ترجمان آهيان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.