اسلام آباد(م ڊ) ملڪ جي واپاري برادري ايف بي آر کي اختيار ڏيڻ خلاف ملڪ گير هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ايف پي سي سي آءِ جي صدر عاطف اڪرام ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي جاويد بلواڻي حڪومت طرفان ايف بي آر کي وڌايل اختيارن خلاف 19 جولاءِ تي ملڪ گير هڙتال جو اعلان ڪيو آهي، عاطف اڪرام جو چوڻ هو ته اسان نه رڳو هڙتال ۾ شامل ٿينداسين، پر ان جي اڳواڻي به ڪنداسين، جاويد بلواڻي چيو ته اسان ايف بي آر جي قانون 37 ڊبل اي ۽ 37 بي خلاف علامتي هڙتال ڪنداسين، جيڪڏهن حڪومت اسان جا مطالبا نه مڃيا ته احتجاج جو دائرو وڌائينداسين، هڙتال ۾ لاهور چيمبر، فيصل آباد چيمبر، سيالڪوٽ چيمبر ۽ راولپنڊي چيمبر به شامل آهن، واپاري برادري عزت سان ٽيڪس ڏيڻ چاهي ٿي، پر ايف بي آر کي جيڪي اختيار ڏنا ويا آهن، انهن سان ڪاروبار هلائڻ ممڪن ناهي.