ڪراچي( رپورٽر) ھاري اتحاد جي چيئرمين چوڌري خالد حسين باٺ ۽ ٻين اڳواڻن ڪراچي پريس ڪلب ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪي حڪومت اسان کان ڪڻڪ خريد نه ڪئي اڄ ملڪ ۾ ڪڻڪ جو بحران آھي، حڪومت پرڏيھ مان مھانگي اگھ تي 25 لک ٽن ڪڻڪ گھرائي رھي آھي، جنھن تي اربين روپيا خرچ به ٿيندو،ھن سال ڪڻڪ ۽ کنڊ جي اگھ ۾ رڪارڊ اضافو ٿيندو، آڊيٽر جنرل جي رپورٽ مطابق نگران حڪومت دوران ڪڻڪ موجود ھئڻ باوجود پرڏيھ مان خريد ڪئي، حڪومت چاھي ٿي ته ملڪ جو عوام پيسجي ۽ مھانگي اگھ تي شيون خريد ڪري، ھنن چيو ته حڪومت وڌندڙ مھانگائي ۽ موسمياتي تبديلي جھڙن چيئليجز تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سنجيده نظر نٿي اچي، ھنن خدشو ظاھر ڪيو ته ھتان جي شوگر ملز مان تيار ٿيندڙ کنڊ افغانستان اسمگل ڪئي ويندي، جڏھن ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ کنڊ موجود آھي ته پوءِ امپورٽ ڇو ٿي ڪئي وڃي؟