اسلام آباد(م ڊ) پ پ پارليامينٽرينز جي مرڪزي ترجمان شازيا مري چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جو مقدمو عالمي دنيا کان پوءِ ڀارت ۾ به پاڪستان جو مقدمو ڪاميابي سان کٽي ورتو، جيڪو قابل تحسين قدم آهي، مشهور ڀارتي صحافي ڪرن ٿاپر کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته ڀارتي اينڪر شايد وساري ويٺا هئا ته هو ڪنهن جو انٽرويو ڪري رهيا آهن، بلاول ڀٽو زرداري انٽرويو دوران بي جي پي جي بيانئي کي شڪست ڏني، ڀارتي سازشن کي وائکو ڪيو ۽ انتهاپسندانه ذهنيت تي ڀرپور روشني وڌي، هن بلوچستان ۾ مداخلت ۽ والاريل ڪشمير جي معاملي تي به ڀارتي اينڪر کي لاجواب ڪري ڇڏيو، بلاول تڪرار نه پر امن ۽ ڳالهين جو خواهشمند آهي، هو ٻنهي ملڪن جي نوجوانن جو آواز بڻجي سامهون آيو آهي.