لياري سانحي جو ڪيس داخل، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا 9 آفيسر گرفتار

ڪراچي(رپورٽر) لياري جي علائقي بغدادي ۾ پنج ماڙ عمارت ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪراچي ضلعي سينٽرل جي ايس ايس پي عارف عزيز موجب ان ڪيس ۾ عمارت جي مالڪ  رحيم بخش خاصخيلي سميت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي 9عملدارن کي به نامزد ڪيو ويو آهي، پوليس انهن مان مالڪ سميت 10 جوابدارن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ياد رهي ته گذريل جمعي تي بغدادي ۾ عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 27 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا، جنهن کان پوءِ ڀرپاسي جون عمارتون به خالي ڪرايون ويون آهن، بي بي سي جي رپورٽر رياض سهيل موجب اها ايف آءِ آر انسپيڪشن آفيسر حمادالله جي مدعيت ۾ داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پلاٽ نمبر 136 تي سال 1986 ۾ مالڪ عمارت ٻن حصن ۾ پنج منزلن تائين تعمير ڪئي هئي، جنهن جو هڪ حصو ڪري مڪمل طور تي زمين بوس ٿي ويو، ان ڪريل حصي ۾ ويهه فليٽ هئا، جتي 27 ماڻهو فوت ٿيا، هي ڪيس اقدام قتل، ماڻهن کي زخمي ڪرڻ ۽ مالي نقصان پهچائڻ جي الزام هيٺ داخل ڪيو ويو آهي، مدعي جي بيان مطابق، سال 2022 ۾ انهيءَ عمارت جي خراب حالت بابت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيسرن ۽ ملازمن وٽ ڄاڻ موجود هئي پر انهن پنهنجا اختيار استعمال نه ڪيا. کنڀيلن ۾ ڊائريڪٽر ڊيزائن عرفان نقوي،ڊائريڪٽر جليس صديقي،ڊائريڪٽر اشفاق کوکر،رٽائرڊ ڊائريڪٽر آصف رضوي،ڊپٽي ڊائريڪٽر سيد ضرغام حيدر،فهيم مرتضيٰ،ڊپٽي ڊائريڪٽر عاصم خان،ڊپٽي ڊائريڪٽر ذوالفقار شاهه،مينٽيننس سائيڊ جو افضل شامل آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.