ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ سرڪار لياري ۾ 9 غير محفوظ عمارتن کي خالي ڪرائي ورتو آھي، جڏھن ته ھڪ زبون حال عمارت کي ڊاھڻ جو عمل جاري آھي، متاثر ٿيل خاندانن جي مالي امداد جي لاءِ حڪومت ٽن مھينن جو ڀاڙو فراھم ڪندي. ھن چيو ته ايس بي سي اي جي نئين ڊائريڪٽر جنرل اداري جي آفيسرن کي ھدايت ڪئي آھي ته اُھي 15 ڏينھن جي لاءِ پنھنجا اثاثا جمع ڪرائن، غير قانون عمارتن جي تعمير ۽ تحفظ ۾ ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.