شهيد نصرالله گڏاڻي جي وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون

گهوٽڪي (رپورٽ: آزاد مھر) شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي اي ٽي سي ڪورٽ ميرپورماٿيلو ۾ ٿي، جنھن دوران شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو ڀاءُ محمد يعقوب گڏاڻي ۽ ٻيا وارث پيش ٿيا، جڏهن ته جوابدار عبدالله لنڊ پڻ پيش ٿيو، حاضري بعد عدالت ٻاهران شهيد نصرالله جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي ۽ سندس ٻين وارثن کي جوابدار ڌر جي ماڻهن پاران مبينا طور ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ يعقوب گڏاڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ بااثر جا واٺا ۽ غنڊه اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ ۽ راڄوڻي نموني شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو خون لوڙهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيندا رهن ٿا، عدالت ٻاهران ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ اسان کي قتل ۽ اغوا جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن، هن چيو ته جوابدار ڌر عدالتي حاضري دوران پنهنجا غنڊه ۽ واٺا موڪلي اسان کي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ هراسان ڪري رهي آهي، اڄ ٻڌڻي بعد به جوابدار ڌر جي ماڻهن اسان کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ مسلسل هراسان ڪيو،اسان جا ٻار ڊنل آهن، هن مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ جوابدار جي واٺن ۽ غنڊن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.