سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ به ”سسٽم“ خلاف آپريشن،مال ڪمائيندڙ وائکا ٿيندا؟

ڪراچي(ارباب چانڊيو)ڪراچي ۾ هڪ وڏو ڦڏو ٿيڻ وارو آهي،ان جي شروعات لياري کان ٿيندي ۽ انجام لالوکيت لياقت آباد ۾ ٿيندو،سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي جن 9 آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي اهي 2020ع کان 2025ع تائين لياري ۾ مقرر رهيا،انهن کي اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي،ان کان اڳ واٽر بورڊ ۾ ”سسٽم“ جو خاتمو ڪيو ويو هاڻي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو وارو آهي،9 آفيسرن کان پوءِ وڌيڪ گرفتاريون ٿينديون،ذريعن موجب ايس بي سي اي ۾ ڊائريڪٽر جنرل شاهه مير ڀٽو ٽي مهينا به رهيو ته هڪ وڏو معاملو شروع ٿي ويندو،نئون ڊي جي غيرقانوني ڪم نه ڪندو آهي نه ڪنهن کي اجازت ڏيندو آهي،شاهه مير ڀٽو کي اداري ۾ ”صفائي“ ڪرڻ جو مينڊيٽ ڏنو ويو آهي،گرفتار ڪيل آفيسرن کان پڇيو ويندو ته توهان ڪنهن جي چوڻ تي لياري ۾ غيرقانوني عمارتن جي اڏاوت جي اجازت ڏني؟ڪنهن کان پئسا ورتا ڪنهن کي پئسا ڏنا؟ اهي آفيسر اهو به ٻڌائيندا ته لياري جي مقامي پارٽي قيادت ڪهڙي طرح ان مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث رهي آهي،پارٽي قيادت به لياري ۾ غيرقانوني عمارتن خلاف آپريشن جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي،جڏهن 80-80 گز تي چار،پنج،ڇهه ماڙ عمارتون ڊاٿيون وينديون ته پوءِ ڦڏو به ٿيندو،ان دوران انهن ماڻهن جو خير ناهي جيڪي اڄ تائين ڪراچي جي ماڻهن سان کلواڙ ڪندا آيا آهن،قانون لاڳو ڪندڙ ادارا متحرڪ ٿي ويا آهن انهن جو ڪردار هاڻي پهرين کان وڌيڪ وسيع ٿي ويو آهي،غيرقانوني عمارتن جون لسٽون تيار ٿي ويون آهن،لياري ۾ شروع ٿيندڙ آپريشن لالو کيت پهتو ته پوءِ اتان جون سياسي جماعتون ردعمل ڏينديون،جنهن سان نئون پينڊوراباڪس کلندو ته ڪراچي کي آخر ڪنهن تباهه ڪيو؟بلڊرن جي تنظيم آباد جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ هڪ سال دوران هڪ لک عمارتون ٺهيون،انهن مان 85 هزار غيرقانوني آهن،لکين ماڻهن جي زندگي داءُ تي لڳل آهي،اهي عمارتون ڪنهن مهل به ڪري سگهن ٿيون،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.