ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان اوچتو رٽائرمينٽ، ويرات ڪوهلي نيٺ خاموشي ٽوڙي ڇڏي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ بابت نيٺ خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
ويرات ڪوهلي لنڊن ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر يووراج سنگهه جي فلاحي تنظيم طرفان ڪوٺايل فنڊ ريزنگ ڊنر تقريب شرڪت ڪئي، جتي ليجنڊري ڀارتي ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر، اڳوڻي ويسٽ انڊين ڪپتان برائن لارا، ڪيون پيٽرسن سميت ڀارتي ٽيم جا رانديگر پڻ موجود هئا.
ان موقعي ويرات ڪوهلي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ بابت پهريون ڀيرو کُلي ڳالهائيندي چيو ته ”مان ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي ڏاڙهي کي ڪلر ڪيو آهي ۽ جڏهن هر چوٿين ڏينهن ڏاڙهي کي ڪلر ڪرڻو پوي ته سمجهي وڃڻ گهرجي ته وقت اچي ويو آهي.“
ويرات ڪوهلي اڳوڻي ڪوچ روي شاستري سان لاڳاپن بابت ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن روي شاستري ساڻس گڏ نه هجي ها ته هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ جيڪي ڪجهه حاصل ڪيو، اهو ممڪن نه هجي ها.
هن چيو ته اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڪليئرٽي ۽ اعتماد ڪنهن نعمت کان گهٽ نه هو، روي شاستري هميشه سندس دفاع ڪيو، ميڊيا ۾ به فرنٽ لائين تي بيهي کيس سپورٽ ڪيو، جنهن لاءِ هو سدائين سندس عزت ڪندو.
يوراج سنگهه سان دوستي بابت ڳالهائيندي ويرات ڪوهلي چيو ته اسان جي دوستي رڳو ميدان تائين محدود نه هئي، مون هن وٽان گهڻو ڪجهه سکيو، هو مون کي ٽيم سان گڏ کڻي هليو، اعتماد ڏنو ۽ زندگي جي مختلف رخن کان واقف ڪرايو، اهي لمحا منهنجي دل جي ويجهو آهن.
ويرات ڪوهلي جو دلچسپ انداز ۾ رٽائرمينٽ بابت تبصرو ۽ پراڻن ساٿين سان محبت ڀريو لهجو مداحن جي دلين کي ڇُهي ويو آهي.
واضح رهي ته ويرات ڪوهلي 12 مئي تي انسٽاگرام تي پوسٽ ذريعي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو، سندس اوچتو فيصلو ڪرڪيٽ تجزئي نگارن ۽ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.