مشهور ٽينس رانديگرياڻي پيءُ هٿان گوليون هڻي قتل

گروگرام (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست هرياڻا جي شهر گروگرام ۾ 25 ورهين جي رياستي سطح جي ٽينس پليئر راڌيڪا يادَو کي سندس پيءُ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، هي افسوسناڪ واقعو 10 جولاءِ جي صبح ساڍي ڏهين وڳي گروگرام جي سيڪٽر 57 ۾ راڌيڪا يادَو جي رهائشگاهه تي پيش آيو.
پوليس موجب، راڌيڪا جي پيءُ مٿس لڳاتار ٽي گوليون فائر ڪيون، جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ سخت زخمي ٿي پئي، کيس ويجهي اسپتال نيو ويو، جتي علاج دوران هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
سيڪٽر 56 پوليس اسٽيشن جي انچارج جو چوڻ آهي ته ”اسان کي اسپتال مان اطلاع مليو ته ٽي گوليون لڳڻ سبب 25 ورهين جي عورت فوت ٿي وئي آهي.“
پوليس واقعي بابت راڌيڪا جي چاچي کان به پڇا ڳاڇا ڪئي وئي پر هن ڪجهه نه ٻڌايو، جڏهن ته واقعي واري هنڌ پهچڻ تي پتو پيو ته مقتولا هڪ اسٽيٽ ليول جي ٽينس پليئر هئي ۽ سندس پيءُ ئي کيس قتل ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، راڌيڪا يادَو انٽرنيشنل ٽينس فيڊريشن (آءِ ٽي ايف) جي ڊبلز رينڪنگ ۾ 113هين نمبر تي موجود هئي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.