ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائڪ هيسن چيو آهي ته بابر اعظم سان وڪيٽ ڪيپنگ بابت ڪا ڳالهه نه ٿي آهي، هو اوپنر طور ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ محنت ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن هو ٽيم ۾ جاءِ ٺاهي ٿو ته صائم ايوب يا فخر زمان سان گڏ اوپن ڪندو.
نئشنل بئنڪ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ چيو ته ٽي ٽوئنٽي سيريز جي تياري لاءِ ڪئمپ لڳائي وئي آهي، ڪجهه شعبن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، هي ڪيمپ هڪ هفتي تائين جاري رهندي.
هن واضح ڪيو ته بابر اعظم وڪيٽ ڪيپنگ جي آپشن ۾ شامل ناهي، ان حوالي سان مختلف افواهه گردش ڪري رهيا آهن، پر بابر اعظم اوپنر طور ئي ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، صائم ايوب ۽ فخر زمان اوپنر طور آپشن آهن.
حسن علي بابت ڳالهائيندي مائڪ هيسن چيو ته حسن علي ويسٽ انڊيز ۾ ٽيم سان گڏ هوندو، هو سٺي ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي، فاسٽ بالرن جي غير موجودگي ۾ ٻين کي موقعو ڏنو ويو آهي، اهڙن رانديگرن کي وڌيڪ موقعو ڏنو ويندو جيڪي عالمي معيار تي پورو لهندا، سلمان مرزا کي حسن علي جي جاءِ تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته شاهين شاهه آفريدي ورلڊ ڪلاس بالر آهي، جڏهن ته حارث رئوف انجري سبب ٽيم ۾ شامل ناهي.
مائڪ هيسن جو چوڻ هو ته ڪنهن به بيٽر کي 150 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان کيڏڻ لاءِ ناهي چيو ، جيڪڏهن ٽي ٽوئنٽي ۾ اسان پوئتي آهيون ته ان جو ڪارڻ اسان جي سست بيٽنگ آهي، جديد ڪرڪيٽ ۾ تيزي سان کيڏڻو پوي ٿو.