هڪ ڏينهن لاٿ کانپوءِ سون جي اگهه ۾ اڄ وري هزارين رپيا واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ ڏينهن لاٿ کانپوءِ سون جي اگهه ۾ اڄ وري هزارين رپين جي واڌ ٿي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 3 هزار 200 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 3 لک 54 هزار 700 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون جي قيمت 2 هزار 744 رپيا وڌڻ کانپوءِ 3 لک 4 هزار 98 رپيا ٿي وئي آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 32 ڊالر واڌ سان 3 هزار 324 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.