سڄي دنيا جي نوجوانن ۾ هڪ نئون خطرون تيزي سان وڌي رهيو آهي، تازي تحقيق مان خبر پئي آهي ته وڏي آنڊي ۽ هاضمي واري نظام جي ڪينسر جا ڪيس نوجوانن ۾ خطرناڪ تيزي سان وڌي رهيا آهن جنهن کي ماهرن خاموش عالمي بحران قرار ڏنو آهي.
صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته پنجاهه سالن کان گهٽ عمر وارا ماڻهو، خاص ڪري ويهه کان چاليهه سالن جي عمر وارا نوجوان، وڏي آنڊي جي ڪينسر جو غير معمولي طور تي شڪار بڻجي رهيا آهن. گذريل ٻن ڏهاڪن کان ان مرض جي شرح ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌا ٿي آهي ۽ ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو رجحاڻ عالمي سطح تي صحت جي لاءِ هڪ وڏو چيلينج بڻجي سگهي ٿو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آمريڪا ۾ ويهه مان چوويهه سال جي عمر جي نوجوانن ۾ ان ڪينسر جي شرح ۾ 8.4 سيڪڙو واڌ ڏٺي وئي آهي جڏهن ته يورپ ۾ 20 کان 29 سال جي عمر جي ماڻهن ۾ سالياني 7.9 سيڪڙي جي واڌ سان اهي ڪيس وڌي رهيا آهن. تحقيق جي موجب 1990 کانپوءِ پيدا ٿيندڙ ماڻهن ۾ ان بيماري جو خطرو پوئين نسلن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو آهي.
ماهرن ان وڌندڙ رجحاڻ جو امڪاني سبب غير صحتمند طرز زندگي، ٿولهه، تيز پڪل کاڌن جو گهڻو استعمال، گهڻي کنڊ واري شربتن جو استعمال، تماڪ واپرائڻ، الڪوهول واپرائڻ، معدي ۾ نقصان ڏيندڙ بيڪٽيريا ۽ چرٻي وارو جگر شامل ڪيو آهي.
تحقيق ۾ اها ڳڻتي به ظاهر ڪئي وئي آهي هت نوجوانن ۾ ان بيماري جي سڃاڻپ وقت سِر ڏکي بڻجي وئي آهي ڇو ته مريض ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر به شروعاتي علامتن کي سنجيده ناهن وٺندا جنهن جي ڪري بيماري گهڻي قدر آخري مرحلي ۾ وڃي سامهون ايندي آهي.
ماهرن نوجوانن تي زور ڏنو آهي ته پيٽ ۾ لڳاتار سور، رت اچڻ، وزن ۾ غيرمعمولي گهٽتائي يا هاضمي ۾ خرابي جهڙيون علامتون سامهون اچن ته فوري طور تي ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو وڃي. ان سان گڏ اهو به مشورو ڏنو ويو آهي ته صحتمند خوراڪ، باقاعدا ورزش ۽ تماڪ ۽ شراب واپرائڻ کان ضروري طور تي پرهيز ڪئي وڃي. انکانسواءِ اسڪريننگ جي عمر پنجيتاليهه سالن کان گهٽائي تڪڙي شروع ڪرڻ تي به زور ڏنو ويو آهي، خاص ڪري اهي ماڻهو جن جي خاندان اها بيماري اڳ ۾ موجود آهي.
رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ان بيماري ۾ نوجوانن کي رڳو جسماني نه پر ذهني، معاشي ۽ سماجي ڏکيائين سان به منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ان سان گڏ پرڻيل هجڻ يا ماءُ پيءُ هجڻ جي صورت ۾ اها بيماري خانداني به بڻجي سگهي ٿي.