پي ٽي آءِ اسيمبلي ٻاهران پنهنجي اسيمبلي لڳائي ڇڏي، ٽي ٺهراءَ به منظور

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي مخالف ڌر جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف صوبائي اسيمبلي جي ٻاهران پنهنجي اسيمبلي قائم ڪندي ٽي ٺهراءَ به گڏيل طور منظور ڪري ورتا.
پي ٽي آءِ جي ميمبرن پاران پيش ڪيل ٺهرائن ۾ پنجاب حڪومت جا غير ضروري ۽ شاهاڻا خرچ بند ڪرڻ، ذاتي مشهوري تي مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ، آبادگارن کي حقيقي فائدو پهچائڻ ۽ برطرف ملازمن کي فوري طور بحال ڪرڻ جا مطالبا شامل هئا.
پي ٽي آءِ جي ميمبر ملڪ فهد پاران پنجاب حڪومت جي شاهاڻي خرچن خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته حڪومت ذاتي مشهوري ۾ رڌل آهي، تنهن ڪري انهن شاهاڻن خرچن ۽ ذاتي مشهوري تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وڃي، ٺهراءُ گڏيل طور منظور ڪيو ويو.
وقاص مان ڪڻڪ ۽ آبادگارن جي مسئلن بابت ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته پنجاب حڪومت رڳو اٽي کي سستو ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، آبادگارن کي ڪو به فائدو نه پيو ملي، پنجاب ملڪ جي 80 سيڪڙو ڪڻڪ پيدا ڪري ٿو پر هتان جو آبادگار بدحال آهي.
پي ٽي آءِ جي ميمبر علي امتياز وڙائچ برطرف ملازمن جي بحالي بابت ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته حڪومت ملازمن کي بنا سبب جي نيڪالي ڏئي ظلم ڪري رهي آهي، انهن برطرف ملازمن کي فوري طور بحال ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.