ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي مسلسل بگڙي رهي آهي، وفاق کان سستي بجلي نه پئي وٺي: نيپرا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيپرا هڪ ڀيرو ٻيهر ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ وفاق کان سستي بجلي دستياب هجڻ باوجود نه پئي وٺي، اپريل ۾ به ڪي اليڪٽرڪ وفاق کان 1600 بدران رڳو 1014 ميگا واٽ بجلي ورتي.
نيپرا چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ وفاق کان سستي بجلي وٺڻ بدران مهانگي بجلي تي ڀاڙي رهي آهي.
نيپرا ميمبر رفيق شيخ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي ڪاردگي مسلسل بگڙي رهي آهي، جنهن سان مالي مسئلا وڌي رهيا آهن، سسٽم ۾ بهتري آڻي واهپيدارن تان بار گهٽائي سگهجي ٿو.
هن چيو ته اپريل ۾ به ڪي اليڪٽرڪ پاور پلانٽ مڪمل صلاحيت موجب نه هلايا، ان صورتحال سان بجلي جي پيداواري شعبي ۾ ناقص ڪارڪردگي ظاهر ٿئي ٿي، ڪي اليڪٽرڪ آپريشنل ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ قدم کڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.