ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا وديا بالن کي پنهنجي فلمي سفر جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڪيئي ناڪامين جو منهن ڏسڻو پيو، ڪو وقت اهڙو به آيو جو ماڻهو کيس ” نڀاڳي“قرار ڏيڻ لڳا هئا.
هڪ پوڊ ڪاسٽ انٽرويوءَ ۾ وديا بالن پنهنجي شروعاتي جدوجهد بابت ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته جڏهن کيس نڀاڳي چيو ويو ته هوءَ هر رات روئيندي گذاريندي هئي، پر ان جي باوجود هن ڪڏهن به هار نه مڃي.
وديا بالن موجب، ڏکڻ ڀارت جي فلم ”چڪرم“ سندس خوابن جي ساڀيان هئي، جتي هوءَ هڪ اشتهار جي شوٽنگ لاءِ وئي هئي ۽ اتفاق سان کيس فلم لاءِ آڊيشن ڏيڻ جو چيو ويو، سندس ماءُ جيڪا موهن لال جي مداح هئي کيس فلم ۾ ڪم ڪرڻ اجازت ڏني.
وديا بالن جو چوڻ هو ته فلم جي شوٽنگ سٺي نموني هلي، پر رڳو 15 ڏينهن کانپوءِ کيس ممبئي موڪليو ويو ۽ چيو ويو ته موهن لال جي تاريخن جي ڪري شوٽنگ روڪڻي پئي.
ان کان پوءِ هدايتڪار ۽ موهن لال جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا ۽ فلم بند ٿي وئي.
وديا بالن سمجهيو ته شايد فلمي دنيا ۾ ائين ٿيندو آهي ۽ هوءَ خوش ٿي ممبئي واپس موٽي وئي.
ان دوران کيس ڪيترن ئي ٻين فلمن لاءِ به آڇون ٿيون ۽ هن اٺ کان نوَ فلمن لاءِ ها ڪئي، پر ڪجهه وقت کانپوءِ هڙئي منصوبا ختم ٿي ويا.
وديا بالن جو چوڻ هو ته ماڻهو چوڻ لڳا ته شايد موهن لال ۽ هدايتڪار جي گڏيل ڪاميابين جو تسلسل منهنجي موجودگي سبب ٽٽو ۽ ان ڪري مون کي ”نڀاڳي“ قرار ڏيڻ لڳا.
اداڪارا ان دور کي تمام مايوس ڪندڙ قرار ڏيندي چيو ته سندس والدين هن لاءِ دعائون ڪرڻ لڳا، ڇو ته هوءَ هر رات اداسي ۽ پيڙا ۾ گذاريندي هئي.
آخرڪار 2005ع ۾ وديا بالن فلم ”پرينيتا“ ذريعي بالي ووڊ ۾ پنهنجو ڪيريئر شروع ڪيو، جنهن ۾ سندس اداڪاري کي تمام گهڻو ساراهيو ويو .
ان کانپوءِ ”سلامِ عشق“، ” لگي رهو مُنا ڀائي“، ”ڀول ڀليان”، ”پا“، ”دي ڊرٽي پڪچر“، ” هماري اڌوري ڪهاني“، ”بيگم جان“ ۽ ”ڪهاني“ جهڙين فلمن ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا.
2024ع ۾ وديا بالن ”ڀول ڀليان ٿري “ ۾ نظر آئي، جيڪا باڪس آفيس تي سپر هٽ ثابت ٿي ۽ عالمي سطح تي 389.28 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪيو.