شگر جي مريضن کي موتمار حالت کان بچائڻ لاءِ ڊوائيس تيار

ٽائيپ ون شگر ۾ مبتلا ماڻهن جي هائپو گليسيميا يا بلڊ شگر گهٽ ٿيڻ جو خطرو تمام گهڻو هوندو آهي، اهڙي ڪيفيت يا حالت جي ڪري مريضن جي موت جا خطرا به وڏي حد تائين وڌي ويندا آهن جنهن جو علاج گلوڪاگن نالي هارمونز کي سوئي جي ذريعي جسم ۾ اماڻي ڪيو ويندو.

اهڙا ڪيس جن ۾ مريضن کي اهو احساس ناهي هوندو ته انهن جي شگر خطرناڪ حد تائين گهٽ ٿي وئي آهي ته ايمرجنسي بيڪ اپ جي لاءِ ايم آءِ ٽي انجنيئرز جسم ۾ لڳندڙ اهڙي ڊوائيس ڊيزائن ڪئي آهي جيڪا جسم ۾ بلڊ شگر جي مقدار جي گهٽ ٿيڻ تي گلوڪاگن خارج ڪري سگهي ٿي.

اها ڊوائيس ننڊ دوران هائپوگليسيميا جي پيش اچڻ يا ذيابطيس جي شڪار ٻار جيڪي پاڻ کي سوئي نٿا لڳائي سگهن جهڙي ڪيسن ۾ به مدد فراهم ڪري سگهي ٿي.

تحقيق جي سينيئر ماهر ۽ ايم آءِ ٽي جي پروفيسر ڊينيئل اينڊرسن جو چوڻ آهي ته سائنسدانن جو مقصد اهڙي ڊوائيس تيار ڪرڻ هو جيڪا مريضن کي هر وقت شگر گهٽ ٿيڻ کان بچائي سگهي. ان جو خيال آهي ته اها ڊوائيس ڪيترن ئي مريضن ۽ انهن جي ماءُ پيءُ کي هائپو گليسيميا جي خوف مان نڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي.

ماهرن ٻڌايو آهي ته اها ڊوائيس ايپينفرائن (دوا جيڪا دل جي دوري جي علاج لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي ۽ سخت الرجي جي رد عمل کان به بچائيندي آهي) جا ايمرجنسي ڊوز ڏيڻ جي لاءِ به استعمال ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.