هتڪ عزت ڪيس ۾ ناليواري فلم ساز جامي کي ٻه سال ٽيپ

ڪراچي(رپورٽر)مشهور فلم ساز جمشيد محمود رضا عرف "جامي” کي عدالت پاران هتڪِ عزت جي مقدمي ۾ ٻن سالن جي سخت قيد ۽ ڏهه هزار رُپين جي ڏنڊ جي سزا ڪراچي جي هڪ عدالت پاڪستان جي مشهور فلم ساز جمشيد محمود رضا، جن کي جامي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، کي هتڪ عزت جي ڪيس ۾ ڏوهاري قرار ڏيندي ٻن سالن جي سخت قيد ۽ ڏهه هزار رُپين جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي۔ سزا ٻڌائڻ بعد پوليس کيس عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪري جيل منتقل ڪري ڇڏيو، اهو ڪيس فلم ڊائريڪٽر محمد سهيل جاويد طرفان داخل ڪيو ويو، جن جو موقف هو ته جامي 15 فيبروري 2019 تي پنهنجي فيس بُڪ پيج "جامي مور” تي هڪ خط شايع ڪيو، جنهن ۾ مبينا ريپ جي واقعي جو ذڪر هو۔ جيتوڻيڪ خط ۾ ڪنهن جو نالو نه هو، پر لکڻين مان سڃاڻپ ممڪن هئي ۽ ماڻهن هن ئي شخص کي الزام جو نشانو بڻايو،ٻئي طرف، پاڪستان ۾ هن فيصلي تي سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل سامهون آيو آهي۔ سماجي ڪارڪن ۽ وڪيل جبران ناصر پنهنجي ايڪس (سابقه ٽوئٽر) اڪائونٽ تي لکيو ته  جامي پنهنجي ضمير جي آواز جي قيمت چڪائي رهيو آهي،هو پاڻ به هڪ متاثر فرد آهي، ۽ ٻين لاءِ آواز بلند ڪرڻ تي کيس سزا نه ملڻ گهرجي،فريحا عزيز به هن فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته  اهو اهڙو ڪيس آهي، جنهن ۾ مي ٽو تحريڪ کي سزا ڏني وئي آهي، هن فيصلي کان پوءِ هاڻ هراسانين خلاف آواز اٿارڻ وارا ڊڄي ويا آهن۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.