جدوجهد، ٻڌي ۽ ماڻهپي جو مثال بڻيل ڪردار: ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادو

تحرير: زرار پيرزادو

¨ انور پيرزادو اڪيڊمي طرفان مُلڪ جي ليجنڊ وٽرنري ڊاڪٽر، ڳوٺ ٻلهڙيجي جي عظيم شخصيت، جدوجهد، ٻڌي ۽ ماڻهپي جي علامت بڻيل ڪردار ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي جي جنم ڏينهن (8 جولاءِ) جي مناسبت سان ڪراچي ۾ هڪ سالگرهه تقريب ڪوٺائي کيس زبردست ڀيٽ پيش ڪئي وئي.

¨ سالگرهه تقريب جي ڪارروائي هلائيندي زيد پيرزادي چيو ته ڪاڪي ڊاڪٽر جي شخصيت مان ڪيترائي سبق ملن ٿا، سندس سڄي زندگي ڪاميابيءَ جو سفر، اتساهه جو مرڪز ۽ ٻڌيءَ جو مثال رهي آهي. عام طور تي ماڻهو عزت، شهرت ۽ دولت ماڻڻ جي تمنا رکندا آهن ۽ ڪاڪي ڊاڪٽر کي اهي ٽئي شئيون نصيب ٿيون آهن. ڪاڪي ڊاڪٽر سڄي عمر صرف ۽ صرف ڏنو آهي. هن جو ان ڳالهه تي يقين هوندو آهي ته جيترو ڏيندئو ته اوترو ملندو. اهو سندس لائيف جو ڄڻ هڪ نظريو رهيو آهي. بظاهر اها ڪتابي ڳالهه ٿي لڳي پر هي ڄڻ ڪو سائنسي نظريو آهي. اسان ايئن ٿيندي ڏٺو به آهي. هن چيو ته ڪاڪي ڊاڪٽر پنهنجي خاندان ۽ ڳوٺ کي ڪيئن جوڙي رکيو آهي سو ناقابل يقين عمل لڳندو آهي پر هن ڪري ڏيکاريو آهي. انسان ڪيئن هئڻ گهرجي، ان جي وصف ڪنهن کي ڳولهڻي هجي ته ان کي ڪاڪي ڊاڪٽر سان وڃي ملائجي. هو دشمنن ۽ مخالفن سان به سٺي ورتاءُ جو قائل هوندو آهي چوندو آهي ته ڀاءُ فراڊ به ڪري ته خير آهي ان سان جهيڙو ناهي ڪرڻو.

¨ محمد علي پٺاڻ چيو ته ڊاڪٽر محمد حسن تي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ ميلو ٿيڻ گهرجي ۽ ڳوٺ جي هڪ فخر لائق شخصيت طور شاندار ڀيٽا پيش ڪرڻ گهرجي. اهڙين شخصيتن کي مڪمل طور تي رڪارڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته سندس شخصيت سان ڳوٺ ۽ ڳوٺ جي ماڻهن جي ترقي ۽ انسان دوستي سلهاڙيل آهي، جيڪا هڪ ڌار تاريخ آهي.

¨ شاهه محمد پيرزادي، ڊاڪٽر محمد حسن کي شاندار ۽ يادگار ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته ڊاڪٽر پيرزادي جي شخصيت جو نچوڙ اها پريڪٽيڪل فلاسافي آهي ته پهريون پنهنجي گهر کي مفلسي جي ڌٻڻ مان ڪڍي معاشي طور سگهارو ڪيو ته پوءِ باقي ڪم سولا ٿي پوندا. سو جيڪڏهن سندس زندگيءَ جي ان فلسفي کي سنڌ جا سياستدان سنڌ جي ماڻهن تي لاڳو ڪن ها ۽ پهريون سنڌي ماڻهن کي مفلسي مان ڪڍي معاشي طور سگهارو ڪن ها ته جيڪر سنڌ جي تقدير ئي بدلجي وڃي ها. سو سنڌي عوام کي ٽڪراءُ جي منهن ۾ وجهڻ بدران پهريون انهن کي مفلسي مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪجي ها ته پوءِ باقي ٻيامقصد ماڻڻ سولا ٿي پون ها. ان فلسفي جو فارمولو ڪاڪي ڊاڪٽر پنهنجي خاندان تي ڪاميابي سان لاڳو ڪري ڏيکاريو آهي.ٻيو ته ڪاڪي ڊاڪٽر سٺ جي ڏهاڪي ۾ اچي ڪراچيءَ کي وسايو ۽ پنهنجي گهر کي ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ ڪراچي جو گيٽ وي بڻايو ۽ مدد ڪئي، اهو به سنڌي ماڻهن لاءِ سبق هو ته جيستائين ڪراچي کي پنهنجو نه ڪندئو تيستائين ترقي نه ڪري سگهندئو. ڪاڪي ڊاڪٽر سٺ جي ڏهاڪي ۾ ئي ڪراچي کي ترقي جو وسيلو بڻايو. سو سنڌ جي سياستدانن کي ڪاڪي ڊاڪٽر جي پريڪٽيڪل فلاسافي کي مشعل راه بڻائڻ گهرجي، سنڌ کي اڄ به اهڙي عملي فلاسافي جي ضرورت آهي.

¨ عجيب پيرزادي چيو ته منهنجي والد پيشن گوئي ڪئي هئي ته اسان جي ڳوٺ جو هي خاندان مستقبل ۾ اعليٰ مقام تي رسندو، سو ان خاندان جي عزت ڪريو. اڳتي هلي ٿيو به ائين ئي، هن خاندان هميشه ڳوٺ واسين جي مدد ڪئي آهي. توهان ڊاڪٽر محمد حسن سان ملي پنهنجو مسئلو ٻڌائيندو ته اوهان کي ان مهل ئي مسئلي جو حل ملي ويندو.

¨ گلاب پيرزادي چيو ته مون جيڪي به وڏا سماجي ڪم ڪيا يا پٽن کي تعليم ۽ نوڪري ڏياري سي سڀ ڪم ڊاڪٽر پيرزادي جي مدد ۽ سفارش سان ڪرايا. سماجي ڪمن لاءِ ڪراچي اچبو هو ته ڊاڪٽر صاحب جي گهر رهبو هو ۽ مختلف ادارن جي سربراهن کان ڪم ڪرائڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب کان سفارش ڪرائڻي پوندي هئي. هن پنهنجي اسپتال ۾ به ڳوٺ جي ماڻهن کي روزگار سان لڳايو.

¨ مدد پيرزادي چيو ته ڊاڪٽر پيرزادو ڪراچي نه اچي ها ته شايد اسان به ڪراچي ۾ نه هجون ها. ڪراچيءَ ۾ هن ڳوٺ جي هر ذات جي ماڻهوءَ کي پنهنجي اسپتال ۾ رهايو. خرچو به ڏنو ته ڪراچي گهمائڻ به پنهنجو فرض سمجهيو. سياري ۾ ڳوٺ جي غريب ماڻهن لاءِ گرم ڪپڙا، ڪوٽ، جرسيون، مفلر، اوور ڪوٽ، ڊگها بوٽ، جورابا خريد ڪري ورهائڻ لاءِ موڪليندو هو.

¨ علي مردان چيو ته ڳوٺ ۾ جڏهن به ڪو وڏو سياسي، سماجي، ادبي پروگرام ٿيندو آ، فلاحي ڪم ڪرايو ويندو آ، عرس يا ميلا ملاکڙا ٿيندا آهن ته انهن لاءِ سڀ کان وڏو چندو هميشه ڊاڪٽر صاحب ئي ڏيندو آهي. هن ڳوٺ جي غريب غربي جي هر دور ۾ مالي مدد ڪئي.

¨ امر پيرزادي چيو ته ڪاڪي ڊاڪٽر جي زندگيءَ کي ڏسجي ته هن نه رڳو پنهنجي پيشي وٽرنري جي فيلڊ ۾ مهارت حاصل ڪئي پر پنهنجي ڪردار کي به اتم رکيائين. هن چيو ته ڪاڪي ڊاڪٽر جي خاندان جي جينز تي تحقيق ڪرڻ گهرجي ته هن خاندان جا فرد ايڏا وڏا ماڻهو ڪيئن بڻيا، اها خوبي هن خاندان ۾ ڪٿان کان آئي. هن چيو ته ڪاڪي ڊاڪٽر کي مذهب ايڏو طاقتور بڻايو آهي جو هو ذاتي صدمن ۾ به شخصي طور اڏول بيٺل نظر ايندو آهي جو هي خدا جي رضا ۾ راضي رهڻ جو قائل رهيو آهي.

¨ افروز چيو ته ماما جي شخصيت ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا واري شعر جي عملي شڪل آهي. هن پنهنجي ڳوٺ واسين، مٽن مائٽن کي پاڻ سان ڳنڍي رکيو. هن پنهنجي دولت بينڪن ۾ جمع نه ڪئي پر غريب غربي ۾ ورهائي ڇڏي. هو پيسن کي نه پر رشتن کي اهميت ڏيندو آهي.

¨ ڊاڪٽر محمد حسن جي پٽ ۽ وٽرنري ڊاڪٽر ابرار پيرزادي چيو ته بابا جي ايمانداري ۽ اصول جا وٽرنري شعبي جا ماڻهو اڃان تائين مثال ڏيندا آهن. هن چيو ته جڳ مشهور صحافي اردشير ڪائوسجي چوندو هو ته تون پيءُ جهڙو وڏو ڊاڪٽر ٿين يا نه ٿين پر ڊاڪٽر محمد حسن جهڙو وڏو انسان ٿيڻ جي ضرور ڪوشش ڪجان.

¨ آخر ۾ محفل جي مور ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي ڳالهائيندي چيو ته مان اڄ جيڪو ڪجهه به آهيان سوسئو سيڪرو پنهنجي والد شفيع محمد جي ڪري آهيان، اهوئي منهنجو اسڪول آف ٿاٽ ۽ رهبر هو. مان ڪنهن پريشاني ۾ هوندو هيس ته اهو ان مان ڪڍي وٺندو هو. چوندو هو ته خدا تعاليٰ اسان غريبن جي تمام وڏي سفارش آهي سو جيڪو به زندگيءَ ۾ مسئلو ٿئي ته ان سان رجوع ڪيو ته مسئلا ئي نه رهندا. بابا جي تربيت ئي منهنجي زندگيءَ جو نصب العين رهيو، جنهن مان اسان نڪري ئي نٿا سگهون. هي ايمانداري، فرض شناس، اصول ۽ سچائي جا سبق اسان ان مان ئي پرايا آهن.

¨     سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ماڻهن جون سالگراهه تقريبون ڪري، ان بابت مقالا لکائي ۽ ماڻهن کان ڳالهرائي به تاريخ کي قلمبند  ڪري سگهجي ٿو ۽  درست به ڪري سگهجي ٿو مثال طور ڊاڪٽر محمد حسن جي سالگرهه تقريب ڪئي وئي  ته هن پاڻ ئي ٻڌايو ته سندس ڪاميابي، خاندان جي ٻڌي ۽ ايمانداري جو راز ڪهڙو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.