ڌاڙيل سلطو شر کي مارائڻ جي الزام هيٺ حملو، ٻارڙو قتل

رائونتي (رپورٽ: برڪت علي گھنڃو) رائونتي ويجھو کوسا پل ڀرسان ذوالفقار کوسو  جي گهر مٿان گذريل رات ھٿيار بندن حملو ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ معصوم گل زمان پٽ ذوالفقار کوسو موقعي تي ئي قتل ٿي ويو، ڳوٺاڻن جي اطلاع بعد رائونتي پوليس ايس ايڇ او صفي الله انصاري جي اڳواڻي ۾ واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گھر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو علائقي ۾ سوڳ ۽ خوف وارو ماحول ڇانيل ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ناھي ٿي سگهيو، پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪري رهيا آھيون، ٻي پاسي علائقي ۾ چئوٻول آهن ته ڪجھه سال پھريان ڏوھن جي دنيا کي الوداع ڪندڙ ڌاڙيل سلطان عرف سلطو ۽ سندس ساٿي محمد عيسا شر کي پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو ھو، جنھن بعد سلطو شر جي وارثن پاران ذوالفقار کوسي تي مخبري ڪرڻ جو الزام لڳائي ذوالفقار کوسو جي گھر مٿان شر برادري طرفان حملو ڪيو ويو آھي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.