ڪرڪيٽ جي ” دادا“ جو لارڊز ۾ تاريخي جشن، نيٽ ويسٽ سيريز جي فائنل کان اڳ ڇا ٿيو هو؟

”گنگولي کي ڄاڻ هئي ته رانديگرن جي لِڪل صلاحيتن کي ڪيئن پرکجي، سندن حوصلو ڪئين وڌائجي، کين سپورٽ ڪيئن ڪجي ۽ انهن کي آزادي ڪيئن ڏجي، اِهو ئي سبب آهي جو گنگولي هڪ ڪامياب ڪپتان ثابت ٿيو.“
گنگولي جي 50هين سالگرهه تي ”لٽل ماسٽر“ جي نالي سان مشهور عظيم بيٽر سچن ٽنڊولڪر جا مٿيان لفظ گنگولي جي شخصيت ۽ قيادت بابت سڀ ڪجهه ٻڌائين ٿا.
اڄ به سندس مداح گنگولي کي ”ڀارتي ڪرڪيٽ جو مهاراجا“، ”گاڊ آف آف سائيڊ“، ”پرنس آف ڪولڪتا“ ۽ ”دادا“ جي نالن سان سارين ٿا.
گنگولي ميدان تي جارحيت، جذبي ۽ ڪاوڙ جو ميلاپ رهيو، گنگولي پنهنجي دور جي ڀارتي ٽيم جو سڀ کان ڪامياب ڪپتان رهيو آهي، هن محمد اظهرالدين جي رڪارڊ کان به بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري هئي.
سارو گنگولي جي ڪپتاني وارو دور 2000ع کان 2005ع تائين رهيو، هن پنهنجي ڪپتاني واري دور ۾ ئي مستقبل جي ڪپتان مهندرا سنگهه ڌوني کي تراشيو هو، جنهن اڳتي هلي ڪپتان طور ڀارت لاءِ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ، ون ڊي ورلڊ ڪپ ۽ چيمپيئنز ٽرافي سميت آءِ سي سي جا ٽئي وڏا ايونٽ کٽيا هئا.
يوراج سنگهه، ويريندر سهواگ، گوتم گمڀير، آشيش نهرا، ظهير خان، هرڀجن سنگهه جهڙا رانديگر سارو گنگولي جي دور جي ئي پيداوار آهن.
گنگولي 8 جولاءِ 1972ع تي اولهه بنگال جي راڄڌاني ڪولڪتا ۾ چندي داس ۽ نروپا گنگولي جي گهر ۾ جنم ورتو.
سندس تعلق ڪولڪتا جي هڪ شاهوڪار گهراڻي سان هو ۽ گنگولي کي ٻالڪپڻ کان ئي فٽبال جنون جي حد تائين پسند هئي.
پر گنگوليءَ جي وڏي ڀاءُ سنيهاشيش گنگولي کي ڪرڪيٽ وڻندي هئي ۽ ائين گنگولي به هوريان هوريان هن راند جي ويجهو ٿيندو ويو.
گنگولي جي امڙ نه پئي چاهيو ته ”ڪولڪتا جو شهزادو“ سڄي زندگي راندين پٺيان وڃائي پر پنهنجي ڀاءُ جي مدد سان گنگولي ڪرڪيٽ جي مناسب تربيت وري ۽ هڪ عظيم رانديگر بڻجي ويو.

يادگار نيٽ ويسٽ سيريز
سارو گنگولي جي ڪپتاني ۾ نيٽ ويسٽ سيريز جي فتح کي ڀلا ڪير وساري سگهي ٿو؟
ڪيئي ڪرڪيٽ عاشقن کي ياد هوندو جڏهن اينڊريو فلنٽو ف ڀارت جي دوري دوران ممبئي جي وانکيڙي اسٽيڊيم ۾ انگلينڊ جي سوڀ جو جشن ملهائيندي پنهنجي شرٽ لاٿي هئي.
ان جواب ۾ جڏهن ڀارتي ٽيم محمد ڪيف ۽ يووراج سنگهه جي شاندار ڪارڪردگي جي مدد سان انگلينڊ خلاف نيٽ ويسٽ سيريز کٽي ، تڏهن لارڊز جي بالڪنيءَ وٽ بيٺل ڪپتان سارو گنگولي پنهنجي شرٽ لاهي فتح جو جشن ملهايو هو، اِهو منظر اڄ به ڪرڪيٽ پريمين جي ذهن ۾ تازو آهي.
1983ع ۾ ڀارت ورلڊ ڪپ کٽڻ کانپوءِ ڀارتي ٽيم عالمي ڪپ جي فائنل تائين نه پهتي هئي، پر اٽڪل 20 ورهين کانپوءِ ِ گنگولي جي قيادت ۾ ڀارتي ٽيم ٻيهر ورلڊ ڪپ فائنل تائين پهتي .
2003ع واري ٽورنامينٽ ۾ گنگولي جي قيادت ۾ ڀارت فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو، پر فائنل ۾ آسٽريليا خلاف سندس ٽيم کي وڏي مارجن شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
ان ٽورنامينٽ ۾ گنگولي نه رڳو ڪپتان طور پاڻ ملهايو هو ته هڪ بيٽر طور به رنسن جا انبار لڳايا هئا، هن ميگا ايونٽ ۾ ٽن سينچرين مدد سان 465 رنز ٺاهيون هيون.
عالمي ڪپ کٽڻ يقينن دادا جي ڪپتاني جو هڪ وڏو ڪارنامو هجي ها، پر آسٽريليا جي شاندار ڪارڪردگي ڀارت عالمي چيمپيئن بڻجڻ کان رڳو هڪ وک پوئتي رهجي ويو.

گنگولي جا رڪارڊ
سارو گنگولي ڀارتي ٽيم لاءِ 311 ون ڊي ميچون کيڏيون ۽ 11363 رنسون ٺاهيون، جن ۾ 32 سينچريون ۽ 72 ففٽيون شامل آهن. گنگولي 113 ٽيسٽ ميچن ۾ڀارت جي نمائندگي ڪئي 7 7212 رنسون ٺاهيون، جن ۾ 16 سينچريون ۽ 32 اڌ سينچريون شامل آهن. ان کانسواءِ گنگولي ميڊيم فاسٽ طور 100 وڪيٽون پڻ ورتيون.
گنگولي جي دور ۾ڀارت کي ڪيئي ڪاميابيون مليون، خاص طور تي ٽيسٽ ميچن ۾ 2000ع کان 2005ع تائين ڀارتي ٽيم 21 هوم ٽيسٽ ميچن مان 11 ۾ فتح ۽ ٽن ۾ شڪست کاڌي.
گنگولي مجموعي طور 49 ٽيسٽ ميچن ۾ ڪپتاني ڪئي، جن مان 21 ميچون کٽيون ۽ رڳو 13 ميچون هاريون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.