راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي 90 عمارتن کي خطرناڪ قرار ڏئي خالي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.
راولپنڊي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن شهر ۾ 90 کان وڌيڪ پراڻين ۽ زبون حال عمارتن کي خطرناڪ قرار ڏئي فوري طور خالي ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن.
انهن عمارتن جي مالڪن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جن ۾ چيو ويو آهي ته تيز برساتن سبب اهي عمارتون ڪنهن به وڏي سانحي جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.
اهي نوٽيس پنجاب لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2022 تحت جاري ڪيا ويا آهن، انهن زبون حالت عمارتن جي مرمت ڪرائي وڃي يا وري خالي ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي.
Prev Post
					You might also like
		
	
	
					 
			