سنڌ جي ٻوڏ متاثر هارين لاءِ وڏي خوشخبري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا ٻوڏ متاثر هارين لاءِ امدادي فنڊ ۾ واڌ جو فيصلو ڪري ورتو.
ڪابينا فلڊ ايمرجنسي ريسپانس فنڊ 21.56 ارب رپين مان وڌائي 27.68 ارب رپيا ڪرڻ جي منظوري ڏني، هيل تائين امداد کان محروم 1.5 لک کان وڌيڪ هارين کي فوري طور رليف ڏنو ويندو.
حڪومت ۽ ورلڊ بينڪ جي مشاورت کانپوءِ 98 ملين ڊالر هارين لاءِ مختص ڪيا ويا آهن، اها فنڊنگ 25 ايڪڙ تائين زرعي زمين رکندڙ هارين کي رليف جي مد ۾ فراهم ٿيندي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته بينظير هاري ڪارڊ ذريعي جديد سهولتن تائين پهچ ڏني ويندي، ڪارڊ جي رجسٽريشن جاري آهي، 2 لک 37 هزار کان وڌيڪ هاري رجسٽر ڪيا ويا آهن، زرعي مشينري جي سبسڊي، هنگامي امداد، فصل انشورنس ۽ قرض جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.