اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نادرا شهرين کي تنبيهه جاري ڪندي جعلسازن کان هوشيار رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
نادرا طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته عوام کي آگاهه ڪجي ٿو ته نادرا آفيسن ٻاهران ڪجهه ماڻهو غير قانوني طور شهرين کي پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ ذريعي درخواستن جي تياري ۾ مدد ڏيڻ عيوض پيسا وصول ڪري رهيا آهن.
نادرا ان عمل کي مڪمل طور غير قانوني قرار ڏيندي چيو آهي ته نادرا جي سموري خدمتن جي سرڪاري طور فيس مقرر آهي ۽ ڪنهن غير مجاز کي پيسا وصول ڪرڻ جو اختيار ناهي.
نادرا طرفان عوام کي اهڙن عنصرن کان هوشيار رهڻ جي تنبيهه جاري ڪندي هدايت ڪئي وئي آهي ته شهري ڪنهن به فرد کي نادرا بابت درخواست لاءِ پيسا نه ڏين ۽ رڳو نادرا آفيسن، ويب سائيٽ يا پاڪ آءِ ڊي ايپ ذريعي درخواست ڏين.
نادرا شهرين کي وڌيڪ ڄاڻ يا شڪايت لاءِ هيلپ لائن تي ڪال يا ويب سائيٽ وزٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
Next Post
You might also like