27 فوتگين تي حڪومتي بي حسي، سنڌ حڪومت کان بلاول پڇاڻو نه ڪيو؟

اسلام آباد (سيد عمران شفقت) عجيب حالت آهي ته ڪراچي ۾ زبون حال عمارتن جي ڪري 27 ماڻهن جي جاني نقصان بعد سنڌ جي وڏي وزير آخرڪار اجلاس گهرايو، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته جيڪي عمارتون ناقابلِ رهائش آهن، انهن کي ڊاهي پٽي ڇڏيو ويندو. پر سوال اهو آهي ته اهو فيصلو هاڻي ياد ڇو آيو؟ ڇو نه پهريان قدم کنيا ويا؟ڪراچي جا اڳوڻا ۽ موجوده ڪمشنر۽ انهن جو عملو پاڻ انهن غير قانوني عمارتن جي اڏاوت ۾ ملوث آهن، ته پوءِ اهي ئي ماڻهو هاڻ ڪيئن غير قانوني عمارتن جي سروي ڪري سگهندا؟ عوام ۾ هاڻ ان تي سوال اٿڻ لڳا آهن. گذريل ڏينهن اهو سوال اٿيو ته بلاول ڀٽو زرداري صاحب ڪراچي جي المناڪ واقعي تي ڪابه کُلي مذمت يا سنڌ حڪومت کي ڇنڊ  ناهي پٽي، بعد ۾ پنجاب مان هڪ جذباتي ڪارڪن بلاول جا ٽوئيٽس موڪليا، جن ۾ "افسوس” جو اظهار ته هو، پر "ڇنڊ پٽڻ واري ڳالهه” نه هئي. مطالبو آهي ته بلاول سنڌ حڪومت کي جهڙي ريت اڳ ماضيءَ ۾ "سامهون اچو” چيو هو، اڄ به سختيءَ سان ذميواري جو تعين ڪن. نه صرف بلاول، پر آصفه ڀٽو ۽ بختاور ڀٽو کان به اها ئي اميد آهي.اسان وٽ ڪنهن به حادثي بعد ڪا به ذميواري قبول نه ڪئي ويندي آهي. مثال طور عمران خان جي حڪومت ۾ جڏهن ٽرين حادثو ٿيو، ته شيخ رشيد چيو هو ته مان ته ريل هلائي نه هلائي پوءِ ڪهڙي ذميواري؟اقتدار سان چنبڙيل رهڻ جو ڪلچر اسان جي سياست جي وڏي تڪليف آهي. استعيفيٰ ڏيڻ کي ڪمزوري سمجهيو ويندو آهي، ذميواري قبولڻ جو حوصلو ڪونه ٿو ملي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اڱارو 08  جولاءِ  2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.