ڪئنال رٿا: ڊي جي آءِ ايس آءِ جي بريفنگ ايوان صدر مان ڪنهن ليڪ ڪئي؟

اسلام آباد(فخر دراني)صدر آصف علي زرداري،وزيراعظم شهبازشريف ۽ فيلڊ مارشل موجوده نظام جا ٽرائيڪا آهن،انهن مان هڪ به وڃي ٿو ته پوءِ موجوده نظام شايد قائم نه رهي سگهي،صدر زرداري جو هڪ پيج وارو صفحو ڪٿان ڦاٽو؟ان جي شروعات جولاءِ 2024ع ۾ ٿي،تڏهن ايڊوجنٽ جنرل عاصم ملڪ(موجوده آءِ ايس آءِ سربراهه)،آرمي جي انجنيئرنگ ڪور جي ميجر جنرل ۽ هڪ ٻئي جنرل ايوان صدر ۾ هڪ بريفنگ ۾ شرڪت ڪئي،ان بريفنگ ۾ رڳو ٻه سويلين صدر آصف علي زرداري ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي شامل هئا،ان بريفنگ ۾ سنڌ ۾ ٻن ڪئنالن،ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ هڪ هڪ ۽ پنجاب ۾ ٻن ڪئنالن سميت ڇهن ڪئنالن بابت بريفنگ ڏني وئي جن ۾ گريٽر ٿل ڪئنال ۽ چولستان ڪئنال شامل آهن،ان بريفنگ ۾ ٿل ۽ چولستان ڪئنالن تي وڌيڪ زور ڏنو ويو پر انهن ٻنهي ڪئنالن تي سڀ کان وڌيڪ اعتراض اٿاريو ويو ۽ چيو ويو ته ان سان سنڌ جي پاڻي جو حصو گهٽجي ويندو،ان بريفنگ کانپوءِ سنڌ ۾ آهستي آهستي احتجاج شروع ٿي ويو،قومپرستن جي شموليت کانپوءِ سنڌ ۾ باقاعده تحريڪ شروع ٿي وئي،بعد ۾ ان رٿا کي ڪنڊائتو ڪيو ويو،ذريعن موجب قومپرستن کي ايوان صدر مان اها رٿا ليڪ ٿي ملي،جيترا به قوم پرست هئا ان سڀني کي ان بريفنگ جا تفصيل معلوم هئا،چيو پيو وڃي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ان رٿا کي ليڪ ڪري اهو منصوبو روڪرايو ويو آهي،ان ڪري اسٽيبلشمينٽ ۽ ايوان صدر وچ ۾ هڪ صفحي واري معاملي تي ڏار پئجي ويا آهن،ان سسلسلي ۾ زين شاهه،اياز لطيف پليجو ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي سان به رابطو ڪري موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهيو،جڏهن ته پ پ قوم پرستن کي اڳتي ڪري اهو منصوبو ته روڪرائي ڇڏيو آهي پر آخرڪار ان ۾ پ پ کي سياسي طور نقصان به پهتو آهي،سنڌ اسيمبلي مان ڪئنالن خلاف ٺهراءُ سان معاملو وڌيڪ خراب ٿيو.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اڱارو 08  جولاءِ  2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.