ڪراچي (نويد زبيري) لياري ۾ عمارت جو ملبو هٽائڻ وارو آپريشن ڪيترن ئي ڪلاڪن کانپوءِ ختم ڪيو ويو. 27 ڄڻا فوت، 11 زخمي ۽ ڪيترائي بي گهر ٿي ويا. بي گهر ٿيلن کي محلي وارا ماني آڻي ڏئي رهيا آهن. آپريشن دوران ڪو جيئرو ماڻهو نه ڪڍي سگهيا. جيڪڏهن وڌيڪ عمارتون ڪري پون ته پوءِ ته مهينو لڳي ويندو. وڏا وڏا ماڻهو ايندا ويندا رهيا پر ڪنهن هڪ ديڳ به کائڻ لاءِ نه آندي. ان لاءِ ماڻهو گهر خالي ناهن ڪندا ته هو ڪيڏانهن ويندا. ڀلا اوهان ايڌي، سيلاني ۽ ڇيپا تي ئي شهر کي ڇڏي ڏيو. هن عمارت هيٺان سيمو ٿي رهيو آهي، مهينن کان سيوريج جو پاڻي گذري رهيو هو، هي زمين ڪرڻي هئي پر سيوريج جي پاڻي جي ڪري جلدي ڪري پئي. پيپلزپارٽي اربين رپيا لياري لاءِ ڏئي ٿي پر ڇا ڪئي اکين سان وڃي ڏسي ٿو ته اهو خرچ ڪٿي ٿيو؟ نبيل گبول سعيد غني کان استعيفيٰ طلب ڪئي ڇا سعيد غني استعيفيٰ ڏيندو؟ نبيل گبول پاڻ ئي چيو ته هو نه ڏيندو. هن اهو به چيو ته ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي ڪير به هٽائي نه سگهندو ڇو ته خاص فون ڪالون اچي وينديون آهن. حڪومت يا ته متاثرن کي گهر ڏئي يا ته سڌو چئي ڇڏي ته اسان نٿا ڏئي سگهون ڪي سرندي وارا اڳتي اچن. متاثرن وٽ هر ڪو اچي پنهنجي مشهوري ڪري رهيو آهي ۽ وڏيون وڏيون دعوائون ۽ ڳالهيون ڪري رهيو آهي پر کاڌو به ڪير ناهي پهچائي رهيو. علائقي واسين کي به سلام آهي جيڪي نيرن به متاثرن سان گڏجي اچي ڪن ٿا. هي غريب آهن پر گڏجي کائين ٿا. بيورو ڪريسي پيپلزپارٽي کي تباهه ڪري رهي آهي، پ پ جي ذميوارن کي سوچڻ گهرجي. انهن ماڻهن جو پ پ سان واسطو ئي نه هو، اهي حقيقت ٻڌائين نٿا ۽ سڀ ٺيڪ آهي جي رپورٽ پهچائين ٿا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر صاحبه کي وڃڻ گهرجي، وڏو وزير ته ويو آهي ته کيس پارٽي مان به فنڊ ڪڍي ڏيڻ گهرجي، سندن کاڌي جو بندوبست ڪرڻ گهرجي، ٻين زبون عمارتن کي به خالي ڪرائي سندن رهائش جو بندوبست ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ سي ايم هائوس جي هڪ رٽائرڊ سڪيورٽي آفيسر جي فون تي گلبرگ ۾ عمارت ڊاٿي وئي هئي ڇو ته سڀ ڪو فائدي لاءِ ويندو آهي، ڪير لياري ڇو ويندو، اتي کين فائدو نه پر ابتو گاريون ٻڌڻيون پونديون.