وفاقي سرڪار جي زراعت دشمن پاليسين سبب سنڌ کي 150 ارب جو نقصان ٿيو آهي:صبا يوسف ٽالپر

حيدرآباد(رپورٽر)  پيپلز پارٽي جي ايم اين اي  صبا يوسف ٽالپر حيدرآباد ۾ ميڊيا کي موقف ڏيندي  زرعي پاليسين جي حوالي سان وفاقي سرڪار کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آھي ته ھلندڙ سال جي  سرڪاري انگن اکرن موجب هن سال ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 11 سيڪڙو، ڪپهه 30، چانور 3 سيڪڙو ۽ کنڊ جي پيداوار ۾. 3.9 سيڪڙو ريڪارڊ گهٽتائي آئي آهي. جنھن جو سڀ کان وڏو ڪارڻ وفاقي حڪومت پاران آئي ايم ايف جو ڪلھو استعمال ڪندي زرعي جنسن جا امدادي اگھ مقرر نه ڪرڻ آھي. ھن انڪشاف ڪيو آھي ته ھلندڙ سال ڪڻڪ جي پيداوار ۾ ملڪ جي آبادگارن کي مجموعي طور تي 800 ارب ۽ سنڌ کي 150 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي. ھن چيو ته زرعي شعبو ملڪ جي ريڙهه جي هڏي واري حيثيت آهي،  جيڪا هاڻي حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري ٽٽي چڪي آهي. ھن چيو ته  حڪومت کي ملڪ جي تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي فوڊ سيڪيورٽي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي. ھن اھو بہ انڪشاف ڪندي چيو آھي ته پاڪستان ۾ ڪپهه جي پيداوار 14.5 ملين بيلز مان گھٽجي 5 ملين بيلز تائين اچي وئي آهي، حڪومت ڪپھ جي ضرورت پوري ڪرڻ لاء ھر سال 1.2 ارب ڊالر جي ڪپھ ٻاھران خريد ڪري ٿي. جيڪڏھن ملڪ جي آبادگارن کي ڪپھ جو مناسب اگھ ڏنو وڃي ته ھڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ پرڏيھي ناڻو بچائڻ سان گڏ ڪپھ جي پيداوار کي وڌائي ضرورت پوري ڪري سگھجي ٿي. ھن چيو ته وفاقي حڪومت هر سال 3.8 ارب ڊالر جو کاڄرو تيل ٻاهرين ملڪن کان خريد ڪري ٿي. پنهنجي آبادگارن کي زرعي جنسن مناسب اگهه ڏئي سورج مکي، رائي، سويا بين، تر، ڪينولا ۽ ٻين تيلي ٻجن جي جنسن جي پيداوار کي ھٿي ڏياري اھو به پرڏيھي ناڻو بچائي سگھجي ٿو ۽ اسان پنهنجي ملڪ ۾ کاڄرو تيل جون ضرورتون پوريون ڪري سگهون ٿا. ھن چيو جڏھن ھن وقت ملڪ ۾ 28 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ جا ذخيرا موجود آھن ته پوء ٻاھران 5 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ گھرائڻ جو ڪھڙو مقصد آھي؟ ان ڪري شگر ڪين ڪنٽرول ايڪٽ تحت شگرملون پھرين نومبر بدران 15 آڪٽوبر کان چالو ڪيون وڃن ۽ ٻاھران کنڊ گھرائڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي. ھن چيو ته حڪومت زراعت دوست قدمن سان ٻاھران زرعي شيون گھرائڻ تي خرچ ايندڙ ساليانو 11 ارب ڊالر پڻ بچائي سگھي ٿي. حڪومت آبادگارن کي سھولتون فراھم ڪندي تہ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي ضرورت نه رهندي. ھن چيو ته آءِ ايم ايف کان جان ڇڏائڻ جو واحد حل زرعي شعبي کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ آهي، ملڪ جي ٻھڙاين جي 60 سيڪڙو آبادي لاء روزگار ۽ مقامي معيشت کي مضبوط ڪرڻو پوندو. ھن چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت جي زراعت ۽ آبادگار دشمن فيصلن تي اسيمبلي فلور تي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندو رھي ٿو. پ پ ھميشه پنھنجي ھر حڪومتي دور ۾ آبادگارن کي زرعي جنسن جا اگھ وڌائي ڏنا آھن. جڏھن تہ موجوده حڪومت آبادگارن کي رليف ڏيڻ بدران انھن جو معاشي قتل عام ڪري رھي آھي. ھن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو تہ ملڪ ۾ فوري طور تي زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪري، ٻاھران زرعي شيون گھرائڻ تي پابندي مڙھي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.