ڪراچي ۾ پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان چاچي سميت قتل

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي بلديا اتحاد ٽائون ۾ پسند جي شادي تان پيدا ٿيل تڪرار خوني رخ اختيار ڪري ويو، جتي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا قتل ۽ 1 زخمي ٿي پيو. پوليس موجب، واقعو ڇوڪري جي وارثن جي فائرنگ سبب پيش آيو، تفصيلن موجب فائرنگ ۾ ناري جي مڙس جو مامو ۽ ڀاڻيجو قتل ٿي ويا، حملو ڪندڙ فائرنگ کانپوءِ ڇوڪري صائمه کي به پاڻ سان گڏ کڻي ويا، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي پڻ ٿيو، پوليس ٻڌايو ته ڪجهه مهينا اڳ مقتول شمن بولان مان صائمه نالي ڇوڪري سان پسند جي شادي ڪئي هئي، جيڪا خاندان جي مخالفت باوجود ٿي هئي، واقعو کانپوءِ ٻٽي قتل جو ڪيس مقتول جي ڀاءُ جي فرياد تي منگهو پير ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو،فريادي موجب 4 ڏينهن اڳ ڀاڻيجو هڪ عورت کي شادي جي ارادي سان گهر آندو هو، اڄ صبح گهر تي حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ڀاءُ ۽ ڀاڻيجو فائرنگ ۾ قتل ٿي ويا، ايف آءِ آر جي متن موجب زخمي ڀاءُ بيان ڏنو ته 5 جوابدارن گهر تي فائرنگ ڪئي، فائرنگ کانپوءِ قاتل ڇوڪري صائمه کي به پاڻ سان وٺي ويا، پوليس موجب، ڪيس ۾ غلام حيدر، محمد صادق، سرور، عبدالمنان، ۽ عبدالسلام کي نامزد ڪيو ويو آهي، ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.