سنڌ جي سمورين زبون حال عمارتن جي رهواسين کي رهائش نٿا ڏئي سگهون: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صوبي ۾ سڀني زبون حال عمارتن جي رهواسين کي متبادل رهائش ڏيڻ حڪومت لاءِ ممڪن ناهي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته سنڌ ۾ 740 زبون حال عمارتون آهن، جن مان 51 انتهائي خطرناڪ آهن، جن مان 11 عمارتون خالي ڪرايون ويون آهن.
شرجيل ميمڻ چيو ته حڪومت وٽ موجود وسيلن تحت ڪجهه خاندانن کي عارضي رهائش ڏئي سگهجي ٿي، جيئن ماضي ۾ سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن ۽ ڪورونا مريضن لاءِ عارضي شيلٽرز مهيا ڪيا هئا.
سندس چوڻ هو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) لياري جي بغدادي واري علائقي ۾ ڪِريل عمارت جي ڀرپاسي موجود ٻين ناقابلِ رهائش عمارتن کي ڊاهڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.

لياري واقعي جي جاچ لاءِ 5 رڪني ڪميٽي قائم
ٻئي پاسي لياري ۾ عمارت ڪِرڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ پنج رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، ڪراچي جي ڪمشنر حسن نقوي کي ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪميٽي ۾ اسپيشل سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايس بي سي اي ۽ ٻيا عملدار شامل آهن.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪميٽي عمارت ڪِرڻ جا ڪارڻ ۽ ذميوار ماڻهن جو تعين ڪندي ۽ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سفارشون پڻ پيش ڪندي.
ڪميٽي 48 ڪلاڪن اندر پنهنجي رپورٽ لاڳاپيل اختيارين کي پيش ڪندي.
واضح رهي ته ڪراچي جي علائقي لياري بغدادي ۾ گذريل هفتي پنج ماڙ عمارت ڪِري پئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 27 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.