ٽوئيٽر ( هاڻي ايڪس ) جو شريڪ باني ۽ بلاڪ ڪمپني جو سي اي او جڪ ڊورسي واٽس ايپ کي ٽڪر ڏيڻ لاءِ هڪ نئون ميسيجنگ پليٽ فارم متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.
هيءَ نئين ايپ جنهن جو نالو ” بِٽ چيٽ“ رکيو ويو آهي، مڪمل طور تي ڊيسينٽرالائزڊ هوندي ۽ بلوٽوٿ جي مدد سان هلندي.
يعني اِها ايپ انٽرنيٽ بنا به استعمال ڪري سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان سان ڪو به سرور ڳنڍيل ناهي ۽ سائن ان ڪرڻ لاءِ فون نمبر يا اي ميل ايڊريس جي ضرورت نه پوندي.
جڪ ڊورسي جو مقصد هڪ اهڙو محفوظ ۽ خودمختيار ميسيجنگ سسٽم ٺاهڻ آهي، جيڪو ڪنهن به مرڪزي ڪنٽرول کان آزاد هجي.
واٽس ايپ کي ٽڪر ڏيڻ لاءِ نئين ايپ متعارف، نه اي ميل گهرجي نه ئي فون نمبر، انٽرنيٽ بنا به هلندي
You might also like