ڪراچي: نئين ڪنوار مڙس جي جنسي تشدد سبب ڪوما ۾ هلي وئي

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ تازي پرڻيل 19 ورهين جي ناري مبينا طور تي پنهنجي مڙس جي جنسي تشدد جو شڪار ٿيڻ بعد ڪوما ۾ هلي وئي، پوليس متاثر نياڻي جي ڀاءُ جي فرياد تي سندس مڙس کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس سرجن ڊاڪٽر سميه سيد موجب متاثر ڇوڪري جي شادي 15 جون تي لياري ۾ ٿي هئي، شادي جي ٽئين ڏينهن تائين مبينا طور تي کيس پنهنجي مڙس هٿان سخت جنسي تشدد برداشت ڪرڻو پيو، ڇوڪري کي شروعاتي طور تي شهر جي هڪ نجي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو، جتان سول اسپتال ڪراچي جي ايس ايم بي بي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت انتھائي ڳڻتي جوڳي آهي، جيڪا ھاڻي ڪوما ۾ آهي، بغدادي پوليس موجب ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار اشوڪ موهن  کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.