وزيراعظم پاران ٻوڏ جي خطري سبب انتظاميا کي الرٽ رهڻ جي هدايت

اسلام آباد/ لاهور(م ڊ) سنڌو درياهه  ۾ ٻوڏ واري صورتحال سبب اٽڪ جي تعلقي خصرو فارمولي واري هنڌ تي ٻه ماڙ پوليس چوڪي درياهه ۾ لڙهي وئي، گذريل سال به ٻوڏ سبب چوڪي جو ڪجهه حصو لڙهي ويو هو، ڊيرا غازي خان ۾ به وڊور ندي علائقي مان اوچي سطح جو وهڪرو گذري رهيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته تربيلا ڊيم جي اسپل وي آپريشن سبب سنڌو درياهه جي هيٺاهين ضلعن ۾ ٻوڏ وڌڻ جو خدشو آهي، وزيراعظم هدايت ڏني آهي ته ٻوڏ جي خطري وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي وقت سر خبردار ڪيو وڃي، هن اين ڊي ايم اي، ريسڪيو ادارن ۽ انتظاميا کي هنگامي حالتن سان منهن ڏيڻ لاءِ هاءِ الرٽ رهڻ جيهدايت ڪئي آهي، هوڏانهن اٽڪ ۽ ڊيره غازي خان ۾ ٻوڏ جي صورتحال سبب وزيراعليٰ مريم نواز به لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.