اسلام آباد (م ڊ) آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته ٻن طرفن جي فوجي ٽڪراءَ ۾ ٻين ملڪن کي شامل ڪرڻ ڀارت جي ناڪام سياسي ڪوشش آهي، آپريشن بنيان مرصوص ۾ پاڪستان جي ڪاميابي تي ڀارت طرفان پرڏيهي حمايت جا الزام حقيقتن جي ابتڙ آهن، ڪنهن به جارحاڻي قدم جو بنا ڪنهن هٻڪ جي ترت ۽ سخت جواب ڏنو ويندو، نيشنل ڊيفنس يونيورسٽي اسلام آباد جي دوري دوران نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس پاس ڪندڙ آفيسرن کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل عاصم منير جنگ جي بدلجندڙ نوعيت تي روشني وڌي، فيـلڊ مارشل ذڪر ڪيو ته مشڪل حالتن ۾ پيچيده چئلينجن سان مؤثر نموني منهن ڏيڻ لاءِ ذهني تياري، عملي سمجهه، ۽ اداري جي پيشيوراڻي مهارت جي تمام گهڻي اهميت آهي، آرمي چيف اُن ڳالهه جي ساراهه ڪئي ته نيشنل ڊيفنس يونيورسٽي جهڙا اهم ادارا مستقبل جي اهڙي قيادت جي تياري ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، جيڪا هائبرڊ، روايتي ۽ غير روايتي خطرن سان مؤثر طريقي سان منهن ڏئي سگهي، آرمي چيف سول ۽ ملٽري ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو، آرمي چيف چيو ته ڀارت آپريشن سندور دوران پنهنجا مقرر ڪيل فوجي هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ڀارت طرفان ان ناڪامي جون غير منطقي وضاحتون پيش ڪرڻ اصل ۾ ڀارت جي آپريشنل تياري ۽ حڪمت عملي جي ڏور انديشي جي کوٽ کي ظاهر ڪن ٿيون، فيـلڊ مارشل چيو ته آپريشن بنيان مرصوص ۾ پاڪستان جي ڪاميابي بابت ڀارت طرفان پرڏيهي حمايت جا الزام غير ذميوارانه ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهن، اهڙا بيان ڀارت جي ان روايتي هٻڪ کي ظاهر ڪن ٿا، جنهن تحت اهو پاڪستان جي ڪاميابي کي تسليم ڪرڻ کان پاسو ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي هيءَ ڪاميابي ڏهاڪن تي ٻڌل حڪمتِ عملي، مقامي صلاحيتن ۽ مضبوط ادارن جي بنياد تي حاصل ٿي آهي، جنهن کي ڀارت تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، فيـلڊ مارشل عاصم منير چيو ته خالص ٻن طرفن جي فوجي ٽڪراءَ ۾ ٻين ملڪن کي شامل ڪرڻ ڀارت جي ناڪام سياسي ڪوشش آهي، ڀارت طرفان اهڙن بي بنياد بيانن جو مقصد خطي ۾ پاڻمرادو مڙهيل نيٽ سيڪيورٽي فراهم ڪندڙ جي ڪردار کي مڃائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي ۽ اهو به اهڙي وقت ۾، جڏهن خطي جا ملڪ ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ هندو توا نظريي کان تنگ اچي ويا آهن، آرمي چيف چيو ته ڀارت جي خود غرض ۽ تنگ نظر روَيي جي ابتڙ، پاڪستان عالمي برادري سان اصولن تي ٻڌل سفارتڪاري، گڏيل احترام ۽ امن جي بنياد تي پائيدار لاڳاپا قائم ڪيا آهن ۽ پاڻ کي خطي ۾ هڪ ذميوار نيٽ ريجنل اسٽيبلائزر طور ثابت ڪيو آهي، هن پاڪستان جي اصولي موقف کي ورجائيندي چيو ته ڪنهن به قسم جي جارحيت، پاڪستان جي خودمختياري ۽ سالميت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش يا ان جي ڀڃڪڙي جو ترت، بنا ڪنهن هٻڪ جي، سخت جواب ڏنو ويندو، فيـلڊ مارشل خبردار ڪيو ته اسان جي آبادي وارن علائقن، فوجي اڏَن، اقتصادي مرڪزن ۽ بندرگاهن کي نشانو بڻائڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو سخت، گهرو، تڪليف ده ۽ اندازن کان به وڌيڪ شديد جواب ڏنو ويندو، آرمي چيف خبردار ڪيو ته پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ جي اصل ذميواري ان غرور سان ڀرپور ۽ بصيرت کان وانجهيل جارح (ڀارت) تي عائد ٿيندي، جيڪو هڪ خودمختيار ايٽمي رياست خلاف اشتعال انگيزي ڪندي، ان جا ممڪن تباهه ڪندڙ نتيجا سمجهڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، آرمي چيف چيو ته جنگيون ميڊيا جي بيان بازي، درآمد ڪيل دلڪش جنگي سامان يا سياسي نعرا هڻڻ سان نه کٽبيون آهن، جنگون مضبوط يقين، پيشيوراڻي صلاحيت، آپريشنل شفافيت، ادارن جي مضبوطي ۽ قومي عزم ۽ حوصلي سان کٽيون وينديون آهن، ان موقعي تي فيلڊ مارشل پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي پيشي وراڻي مهارت، جذبي ۽ جنگي تياري تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، فيلڊ مارشل آفيسرن تي زور ڏنو ته هو ايمانداري، بي لوث خدمت ۽ قوم لاءِ غير متزلزل عزم تي قائم رهن.