اسلام آباد/لاهور (عمران شفقت) جنرل حميد گل جي پٽ عبدالله گل دعويٰ ڪئي آهي ته بحريا ٽائون چيئرمين ملڪ رياض، اڳوڻي ايم پي اي حاجي امجد چوڌري ۽ ڪنٽري هيڊ شاهد قريشي جا پاڪستان حڪومت سان معاملا طئي ٿي ويا آهن، ۽ ملڪ رياض 15 جولاءِ تي ڪراچي پهچندو. عبدالله گل موجب، ملڪ رياض سنڌ حڪومت جي سڪيورٽي هيٺ بلاول هائوس ۾ رهندو، جتي هو اسلام آباد واپسي جي ڪليئرنس جو انتظار ڪندو. ان معاملي ۾ صدر آصف زرداري، سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير محسن نقوي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. صحافي اعزاز سيد موجب، گهڻي ڀاڱي ماڻهو ملڪ رياض جي حمايت ۾ آهن جن ۾ ڊي جي ايم آءِ جنرل واجد به شامل آهي پر ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل عاصم ملڪ حامي ناهي. اهڙي ريت آرمي چيف جنرل عاصم منير به ملڪ رياض جي ڪردار سبب سندس حمايت ۾ ناهي ڇو ته اهو سمجهيو ويندو آهي ته ملڪ رياض جج به خريد ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جرنيل به خريد ڪري ڇڏيندو آهي.
نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اڱارو 08 جولاءِ 2025ع تي ايع ٿيو