اسلام آباد/دبئي(حماد حسن)ڪجهه عرصو اڳ ملڪ رياض جي حوالي سان وڏن وڏن صحافين ۽ اينڪرن پاران مختلف خبرون هلايون ويون ائين لڳي رهيو هو ته وڏين مڇين خلاف ڪارروائي جو فيصلو ٿي چڪو آهي پر هاڻي اهو سڀ ڪجه هڪ سراب ۽ دوکو ثابت ٿي رهيو آهي،ملڪ رياض جي جولاءِ جي وچ ۾ ملڪ واپسي جون ڳالهيون هلي رهيون آهن،هو ڪراچي ۾ بلاول هائوس اچي ترسندو اتي کيس سخت سيڪيورٽي ڏني ويندي ۽ بحريا ٽائون جو جيڪو ڪم رڪيل آهي اهو اڳتي وڌندو،ان حوالي سان ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير ڪجهه هدايتون به جاري ڪيون ،صدر آصف علي زرداري به ڪراچي ۾ آيل هو،جڏهن ته ملڪ رياض جي ملڪ واپسي جي حوالي سان معاملا طئي ڪرڻ ۾ جن ماڻهن گهڻو ڪردار ادا ڪيو انهن ۾ صدر آصف علي زرداري، اسپيڪر اياز صادق،چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني،وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جا نالا ورتا پيا وڃن، هن وقت ملڪ ۾ جيڪا سياسي انارڪي هلي رهي آهي،ماڻهو جيل ۾ بند آهن،سياسي ڪيسن کي منهن پيا ڏين ان حوالي سان ڪا به شخصيت ڪردار ادا نه پئي ڪري،ذاتي مفاد جتي غالب ٿئي ته پوءِ ملڪ رياض جا به سمورا گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا،هتي سوال اهو به اٿي ٿو ته ملڪ رياض چوندو رهيو ته مون تي عمران خان خلاف گواهه بڻجڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي پر مان گواهي نه ڏيندس،هاڻي ملڪ رياض هن خلاف گواهي ڏيندو؟ ملڪ رياض تي ڪيترائي ڪيس آهن،جيڪڏهن پرويز خٽڪ خلاف بي آر ٽي ۽ سونامي بلين ٽري جا اربين رپين جي ڪرپشن جا ڪيس بند ڪري کيس مشير بڻايو وڃي ٿو،شهزاد اڪبر ۽ فرح گوگي ٻاهرين ملڪ هليا وڃن ٿا،محمود خان ۽ عثمان بوزدار،طاهر خورشيد کان به ڪو پڇاڻو نٿو ٿئي ته پوءِ عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ ذاتي دشمني جي بنياد تي صحافت نه ٿيڻ گهرجي،سليڪٽو احتساب جي حمايت نه ڪرڻ گهرجي،190 ملين پائونڊ ملڪ رياض ورتا هئا ته پوءِ هن جو احتساب ڇو نٿو ٿئي،هاڻي عمران خان کي جيل ۾ رکڻ جو جواز نٿو بچي،جيڪڏهن هو ڪرپٽ آهي ته ٻيا ڪرپٽ ته آزاد گهمي ڦري رهيا آهن،جيڪڏهن جنرل باجوا ۽ آصف غفور ۽ انهن جهڙن ٻين جو احتساب نٿو ٿئي ته پوءِ عمران خان کي به آزاد ڪرڻ گهرجي،وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ڪٿان کان آيا آهن اها سڀني کي خبر آهي،عوام کي ڪو به رليف نه پيو ملي،بجلي،گئس،کنڊ جا اگهه آسمان تائين پهچي ويا آهن،ٻئي پاسي خيبرپختونخوا ۾ سينيٽ اليڪشن جي سلسلي ۾ پي ٽي آءِ اڳ ئي مشڪلات جو شڪار آهي،هاڻي آزاد ميمبر شڪاري سيڙپڪارن لاءِ آسان هدف بڻيل آهن،ان اليڪشن کان اڳ ملڪ رياض جي وطن واپسي اهم هوندي،ڪي پي مان جي يو آءِ ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيندڙ طلحه محمود لاءِ به چيو پيو وڃي ته هن کي به سينيٽ ۾ پ پ پاران اميدوار بڻايو ويندو،يعني هن وقت به ملڪ ۾ 2018ع واري صورتحال آهي،ڪرپشن جي بازار اڃا به گرم آهي،سينيٽ چونڊن ۾ به ٻوليون لڳنديون،عوام اڃا تائين رليف جو منتظر آهي،ملڪ هلائڻ واري ملڪ کي سنڀالي نه پيا سگهن.
نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اڱارو 08 جولاءِ 2025ع تي شايع ٿيو