4 ڏينهن اڳ، 4 جولاءِ تي امريڪا پنهنجي آزاديءَ جو 249 هون جشن ملهايو. اڄ سڄي دنيا تي حڪم هلائيندڙ ’صاحب بهادر‘ ــ امريڪا 4 جولاءِ 1776ع تي برطانيه کان آزادي حاصل ڪئي هئي. جنهن کان اڳ هُو لڳ ڀڳ 169 سال برطانيه جي غلاميءَ هيٺ رهيو. ان کان اڳ دنيا جي نقشي تي ”امريڪا“ نالي ڪنهن به رياست جو وجود ڪونه هو، پر موجوده امريڪا جُون 13 رياستون ”13 برطانوي ڪالونين“ جي نالي سان سُڃاتيون وينديون هيون. امريڪا ۾ موجود ان جي آزاديءَ جي يادگارن منجھان نيُويارڪ ۾ نصب ٿيل ”آزاديءَ جو مجسمو“ (اسٽيچُو آف لِبَرٽِي) هڪ اهم يادگار آهي، جيڪو نه رڳو (اڳُوڻي برطانوي ڪالوني ۽ هاڻوڪي اهم امريڪي رياستَ) نيُويارڪ جي سڃاڻپ آهي، بلڪه سڄي دنيا جي سيّاحن لاءِ سياحت جي انتهائي اهم ڪشش به آهي.
هي مجسمو اڄ کان لڳ ڀڳ ڏيڍ سؤ سالَ اڳ 1886ع ۾ فرانس ۾ تخليق ٿيو ۽ فرانس پاران امريڪا کي ان جي آزاديءَ جِي 100هين سالگرهه تي تحفي طور ڏنو ويو هو، جنهن کي نيُويارڪ ۾ ان ئي جاءِ تي (شهر جِي ڏاکڻِين ڪنڊ کان ٻه ميل پري، سمنڊ جي وچ ۾ ’لِبَرٽِي آئيلينڊ‘ نالي هڪ ننڍڙي ٻيٽَ تي) لڳايو ويو، جتي اهو اڄ به موجود آهي. لبرٽي ٻيٽ، هُڊسن نديءَ ۽ نيُويارڪ ساحل (’نيُويارڪ بي‘) جي سنگم تي واقع آهي. هي ٻيٽ ان مجسمي نصب ٿيڻ کان اڳ ’بيڊلو ٻيٽ‘ سڏبو هو. آزاديءَ جي هن مجسمي کي تخليق ٿيڻ ۾ لڳ ڀڳ 9 سال لڳا. ان جي تعمير 1877ع ۾ شروع ٿي ۽ 1886ع ۾ مڪمل ٿي.
آزاديءَ جو مجسمو آزاديءَ جِي رومن ديوي ”لِبرٽاس“ (Libertas) جي شڪل تي ٺاهيو ويو آهي، جيڪا رومن فلسفي مطابق آزاديءَ جي علامت سمجھي وڃي ٿي. انگريزيءَ جو لفظ ”لبرٽي“ (Liberty) معنيٰ ”آزادي“ به ان ديويءَ جي نالي منجھان ئي نڪتل آهي. هڪڙو سگھارو مفروضو اهو به آهي ته آزاديءَ جي مجسمي (اسٽيچُو آف لبرٽي) ۾ موجود عورت جو چهرو ان دؤرَ جِي مشهور خوبصورت فرانسيسي ــ امريڪي ماڊل ’ايزابيلا آئوجيني / يوجيني بواير‘ (1841ع ــ 1904ع) جي مهانڊي تي ٺاهيو ويو آهي، جيڪا اُن دؤر جِي يورپ جي خوبصورت ترين عورتن مان هڪ مڃي ويندي هئي. چون ٿا ته سندس چهري جي دلڪشيءَ مجسمه ساز ’فريڊرڪ آگسٽي برٿولڊي‘ (1834ع ــ 1904ع) کي بيحد متاثر ڪري سندس ڌيان ڇڪايو ۽ هن آزاديءَ جي مجسمي جي چهري لاءِ ايزابيلا جو چهرو ماڊل طور استعمال ڪيو. ان مفروضي سان ڪي نقاد متفق نه به آهن، پر ايزابيلا جي چهري کي غور سان ڏسجي ته ان جِي هن مجسمي جي مهانڊي سان ڪافي هڪجڙائي نظر اچي ٿي. ايزابيلا، يورپ جي ارب پتي صنعتڪار ۽ ”سِنگر“ سلائي مشين جي ايجادڪار ۽ مالڪَ ’آئزڪ ميرِٽ سنگر‘ (1811ع ــ 1875ع) جِي پنجين ۽ آخري زال هئي، جيڪو سندس پهريون ورُ هو. ايزابيلا، سِنگر جي وفات کانپوءِ به ٻه شاديون به ڪيون. هڪڙو خيال اهو به آهي ته فريڊرڪ برٿولڊيءَ هي مجسمو پنهنجي ماءُ ”آگستا شارلوٽ برٿولڊيءَ“ کي سامهُون ويهاري سندس مهانڊي تي ٺاهيو هو. برٿولڊيءَ هن مجسمي جو وڏو حصو (جنهن ۾ سندس مٿو به شامل هو) مجسمي جي امريڪا موڪلجڻ کان اڳ، فرانس ۾ ئي تيار ڪيو هو. سندس جسم جا باقي حصا هُنَ نيويارڪ وڃي تيار ڪيا. هن تاريخي مجسمي کي350 انفرادي ٽڪرن ۾ ٺاهي فرانس مان امريڪا موڪليو ويو هو ۽ پوءِ هتي انهن کي گڏ (Assemb1e) ڪري ”لِبرٽي ٻيٽَ“ تي نصب ڪيو ويو هو. هن مُجسمي جو مَٿو جُڙي راس ٿيڻ بعد ۽ امريڪا موڪلڻ کان اڳ (ان کان اڳ جو سڄو مجسمو نيو يارڪ ۾ جوڙيو وڃي)، ان کي فرانس جي شهر پئرس ۾ الڳ نمائش لاءِ رکيو ويو هو. 17 جون 1885ع تي مجسمي جا سمورا حصا امريڪا پهتا، جتي انهن کي ٻيهر جوڙي، نصب ڪيو ويو.
هن مجسمي ۾ آزاديءَ جي ديويءَ کي رعبدار نموني تاج پائي بيٺي ڏيکاريو ويو آهي، جنهن کي روايتي جُبو پاتل آهي. ان جو ساڄو هٿ فضا ۾ بلند آهي، جنهن ۾ هڪ ٻرندڙ مشعل آهي. اها مشعلَ روشنيءَ، آزاديءَ ۽ انصاف جي علامت آهي ۽ آزاديءَ جو رستو ڏيکاري ٿي. اها دنيا کي روشن ڪرڻ جي علامت پڻ آهي، انڪري ئي هن مجسمي جو اصل نالو به ”لبرٽِي انلائِيٽننگ دِي ورلڊ“ (دنيا کي روشن ڪندڙ آزادي) آهي. جڏهن ته ديويءَ جي کاٻي هٿ ۾ هڪ لوهي تختي (ٽيبليٽ) آهي، جنهن تي رومن انگن ۾ 4 جولاءِ 1776ع لکيل آهي، جيڪا امريڪا جي آزاديءَ جي تاريخ آهي. مجسمو هڪ 7 ڪنڊن واري ستاري تي بيٺل آهي، جنهن کي ”فورٽ وُڊ“ چيو وڃي ٿو. ديويءَ جي سِرَ تي پاتل تاج تي به 7 شعاع ٺهيل آهن، جيڪي ڌرتيءَ جي 7 کنڊن (براعظمن) ۽ سَتن سمنڊن جي علامت آهن. مجسمي جي پيرن وٽ ٽُٽل زنجيرَ اُڪريا ويا آهن، جيڪي ظلم جي خاتمي جي علامت طور ٺاهيا ويا آهن. مجموعي طور تي آزاديءَ جو مجسمو، آزاديءَ، جمهوريت ۽ اميد جي علامت آهي. هي مجسمو فرانس پاران امريڪا کي تحفي طور ڏيڻ جو مقصد ٻنهي ملڪن جي دوستي ۽ آزاديءَ جي قدرن کي مڃتا ڏيڻ هو. هي يادگار، امريڪا ۾ نون هجرت ڪري ايندڙن لاءِ به اميد ۽ نئين شروعات جِي علامت بڻيو. هن مجسمي جو پُرامن پر باوقار چهرو، اُن دؤر جي ’نيئوڪلاسڪ‘ خوبصورتيءَ جي معيارن کي ظاهر ڪري ٿو ۽ مجسمي ۾ موجود چهري جِي نفاست جو عڪاس پڻ آهي.
آزاديءَ جو مجسمو هي ٻاهران ٽامي (ڪاپر) مان ٺهيل آهي ۽ ان جي اندروني ڍانچي ۾ لوهه استعمال ٿيل آهي. مجسمي لاءِ لڳ ڀڳ 31 ٽن ٽامو ۽ 125 ٽن لوهه لڳايو ويو آهي. هي مجسمو پنهنجي ماپَ ۽ اندروني بناوت جي لحاظ کان تمام شاندار آهي. هن جي اوچائي، بنياد کان مشعل جي چوٽيءَ تائين 305 فوٽ (93 ميٽر) آهي، جڏهن ته وزن لڳ ڀڳ 225 ٽنَ اٿس. هن جي اندروني بناوت جي ڳالهه ڪجي ته هن جي اندر هڪ مضبوط لوهه جو ڍانچو آهي، جيڪو مجسمي کي سهارو ڏئي ٿو. آزاديءَ جي مجسمي ۾ روايتي عمارتن وانگر منزلون (ماڙيُون) ته ناهن ٺهيلَ، پر ان جي اندر 7 ليولس (منزلون) ٺاهيون ويون آهن. سيّاح عام طور تي هن بُتَ جي پائي يا بنياد (پيڊسٽل) تائين وڃي سگهندا آهن، جيستائين پهچڻ لاءِ کين 192 ڏاڪڻيون چڙهڻيُون پونديون آهن ۽ جيڪڏهن سيّاحن وٽ خاص ٽڪيٽ هجي ته 162 ڏاڪڻيون وڌيڪ چڙهي هو مجسمي جي تاجَ تائين به پهچي سگهندا آهن، جنهن لاءِ کين ڪل 354 ڏاڪا اُڪرڻا پوندا آهن. مجسمي جي تاج تي پهچي، نيويارڪ شهر، برُوڪلن بِرج، نيُو جرسي، هاربر ۽ هُڊسن درياءَ تي ٺهيل ٻين مشهور پلُين جو حسِين ۽ شاندار نظارو ڪري سگھبو آهي. آزاديءَ جي مجسمي جا نقل مختلف ملڪن ۽ شهرن ۾ (خاص طور تي فرانس ۽ جاپان ۾) پڻ ٺاهي لڳايا ويا آهن.
جيئن ته گِھميلَ موسم ۽ سمنڊ جي هوا سبب هن مجسمي جي ٽامي ۽ لوهه کي نقصان ٿيندو رهي ٿو، تنهنڪري 139 سال پراڻي هن مُجسمي جي مرمت جو وڏو ڪم 1986ع ۾ ٿي چڪو آهي، جڏهن ان مجسمي جي 100هين سالگرهه جي موقعي تي ان جِي مڪمل بحالي ڪئي وئي. ان کانسواءِ به وَقت بوَقت هن جون ننڍيون ننڍيون مرمتون ۽ سار سنڀال ٿيندي رهندي آهي. هن مجسمي جي سار سنڀال جو ذمو امريڪا جي ”نيشنل پارڪ سروِس“ نالي اداري تي آهي.
آزاديءَ جي مجسمي کي ڪيترين ئي هالي وڊ فلمن ۾ ڏيکاريو ويو آهي، خاص ڪري سال 2000ع ۾ رليز ٿيل فلم ”ايڪس مين“ جو آخري (ڪلائيمڪس) منظر هن مجسمي تي فلمبند ٿيل آهي. 2004ع جِي فلم ”دي ڊي آفٽر ٽُمارو“ جا طوفاني منظر به هن مجسمي جي چوڌاري فلمايل آهن. ان کانسواءِ 1989ع جي فلم ”گھوسٽ بَسٽرس“ ۾ هي مجسمو هلندي ۽ چُرندي ڏيکاريو ويو آهي. 1968ع جِي هالي وُڊ فلم ”پلينيٽ آف دي ايپيز“ (ڀولن جو سيّارو) جي آخري منظر ۾ هي مجسمو خاص اهميت سان ڏيکاريو ويو آهي. ان کانسواءِ هن مجسمي تي 1985ع ۾ ”اسٽيچُو آف لبرٽي“ نالي سان ’ڪين برنس‘ هڪ مشهور دستاويزي فلم به ٺاهي هئي. جيڪا هن مجسمي جي تاريخ ۽ ان جي اهميت تي ٻڌل آهي. گڏوگڏ ’اسٽيچُو آف لبرٽي‘ جِي تاريخ بابت ٻين ٻولين جيان انگريزيءَ ۾ به ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. ڪجھه مشهور ڪتابن ۾ هيٺيان ٻه ڪتاب اهم آهن، جيڪي مجسمي جي تاريخ، جوڙجڪ ۽ اهميت تي روشني وجهن ٿا:
1 ــ دي اسٽورِي آف اسٽيچُو آف لِبرٽِي (مصنف: بيسٽِي مائيسٽرو)
1 – The Story of the Statue of Liberty (By: Betsy Maestro)
2 ــ ”دِي اسٽيچُو آف لبرٽي“ (مصنف: جِل بريٿ ويٽ)
2 – The Statue of Liberty (By: Jill Braithwaite)
آزاديءَ جو مجسمو روزانو صبح 9:00 کان شام 6:30 تائين سيّاحن جي گھمڻ لاءِ کليل هوندو آهي. جنهن جي اڄڪلهه عام داخلا جي ٽڪيٽ 22 امريڪي ڊالر ۽ 5 کان 13 سالن جي ٻارن لاءِ 16 امريڪي ڊالر آهي. جڏهن ته سينيئر شهرين لاءِ 22 امريڪي ڊالر آهي. ان ٽڪيٽ ۾ هُڊسن ڪناري کان وٺي مجسمي جي ٻيٽ تائين جِي ٻيڙيءَ جو ڀاڙو به شامل هوندو آهي. هن ٽڪيٽ ۾ مجسمي جي آسپاس واري وسيع باغ ۾ گھمي ڦري سگھجي ٿو. البته هن مجسمي جي اندر بُنياد (پيڊسٽل) تائين وڃڻ لاءِ ساڍا 25 ڊالر واڌُو ڏيڻا پون ٿا. جڏهن ته تاجَ تائين وڃڻ لاءِ 25.8 ڊالر واڌُو ڀرڻا پون ٿا.