ايجبسٽن ٽيسٽ ۾ انگلينڊ خلاف ڀارت جي تاريخي فتح، ڪهڙا ڪهڙا رڪارڊ ٺهيا؟

برمنگهم (ويب ڊيسڪ(ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ کي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ 336 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي 5 ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي.
آچر ڏينهن تي برمنگهم جي ايجبسٽن گرائونڊ ۾ ٻي ٽيسٽ جي آخري ڏينهن انگلينڊ جي ٽيم 608 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي 271 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ ڀارت ميزبان ٽيم خلاف 336 رنسن تان تاريخي فتح حاصل ڪئي.
ڀارت طرفان ڪپتان شُبمَن گِل جي شاندار بيٽنگ ۽ آڪاش ديپ جي بهترين بالنگ ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ڀارتي ڪپتان کي پهرين اننگز 269 ۽ ٻي اننگز ۾ شاندار 161 رنسن جي اننگز کيڏڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

ايجبسٽن ٽيسٽ ۾ ڪاميابي ڀارت لاءِ تاريخي ڇو آهي؟
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ايجبسٽن ٽيسٽ ۾ ڪاميابي ڀارت لاءِ ان ڪري تاريخي آهي، ڇو ته ان ميدان تي ڀارت جي اها پهرين فتح آهي.
رپورٽس موجب،1967ع کان وٺي ڀارت ان ميدان تي 8 ٽيسٽ ميچون کيڏيون، جن مان 7 ميچن ۾ شڪست ملي ۽ هڪ ميچ بنا نتيجي رهي.
ان کانسواءِ رنسن جي لحاظ کان به اِها ڀارت جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ملڪ کان ٻاهر سڀ کان وڏي فتح آهي.
واضح رهي ته ايجبسٽن ۾ ڪاميابي سان ڀارت 5 ٽيسٽن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي آهي، سيريز جو ٽِين ٽيسٽ ميچ 10 جولاءِ کان لارڊز ۾ شروع ٿيندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.