گوجر خان (ويب ڊيسڪ) وائلڊ لائف کاتي گوجر خان جي علائقي بيول ۾ ڇاپو هڻي غير قانوني طور تي رکيل آفريقي شينهن برآمد ڪري ورتو.
وائلڊ لائف کاتي موجب شينهن جي عمر ٻه سال آهي، جنهن کي مقامي وڏيري پنهنجي اوطاق تي رکيو هو، انٽيليجنس اطلاعن کانپوءِ مقامي عدالت مان سرچ وارنٽ حاصل ڪري ڇاپو هنيو ويو.
پوليس موجب وائلڊ لائف جي درخواست تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.
You might also like